سيوهڻ(ن پ ا) سيوھڻ جي ڪچي آبادي  ۾ پرارا برادري جي ٻن ڌرين وچ پلاٽ جي ڏيتي ليتي واري معاملي تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ  جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ يارمحمد پرارو، روشن، وزير، حاجي لالو، اصغر، محمد، منير، قدير، امام علي، نياز، محمد رمضان، صداقت، عبدالستار ۽ قربان علي شامل آهن، زخمين کي سيد عبدالله شاھه انسٽيٽيوٽ ۾ آندو ويو، جتي کين طبي امداد مهيا ڪئي وئي، هڪ ڌر جا 6 ۽ ٻي ڌر جا 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ھوڏانھن سيوهڻ پوليس موجب واقعي جي ابتدائي رپورٽ داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.