سيوھڻ(ن پ ا) اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ وقاص ملوڪ پاران انٽيليجينس بيورو ڄامشورو سعيد احمد مغل جي موجودگي ۾ ڪالھ کنڊ زخيره اندوزي ڪندڙن خلاف سيوھڻ ۾ ڇاپا ھڻي ڪاروائي ڪئي وئي آهي جنهن دوران ٻن دوڪانن مان کنڊ جون 1500 ٻوريون برآمد ڪري 40 ھزار ڏنڊ وصول ڪيو ويو آهي. سنڌ بئنڪ ويجهو المرتضىٰ گڊز ٽرانسپورٽ تي اوچتو چاپو ھڻي کنڊ جا اسٽاڪ ٿيل 850 ڪٽا تحويل ۾ وٺي دڪان سيل ڪري ڇڏيو, جڏهن ته درگاھ قلندر روڊ تي سنڌو ڪريانه اسٽور تي به چاپو ھڻي اسٽاڪ ٿيل 650 ڪٽا تحويل ۾ وٺي دڪاندار جئي ڪمار تي کنڊ خريد ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جو رڪارڊ نه رکڻ تي مٿس 20 هزار روپيه ڏنڊ هنيو ويو, گولڊن چوڪ ويجهو لجپال ڪريانه اسٽور تي چاپو ھڻي کنڊ خريد ۽ فروخت ڪرڻ جو رڪارڊ نه رکڻ تي دڪان مالڪ گوپي چند تي پڻ 20 هزار روپيه ڏنڊ هنيو ويو, اي سي پاران ڏنڊ جي رقم دوڪاندارن کان موقعي تي ئي وصول ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ محمد وقاص ملوڪ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آهي ته ضلعي انتظاميا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي وڏي ڪاروائي ڪئي آهي ملڪ ۾ کنڊ جون قيمتون تمام وڌي ويون آهن ان ڪري کنڊ جي ذخيرا اندوزي ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.