سيوھڻ(ن پ ا) سيوھڻ ۾ ڪافي سالن کان سيلون تي حجامڪو ڪم ڪندڙ ۽ ڪئنسر جي مرض ۾ مبتلا پورھيت نوجوان استاد جاني ڪولاچي کي به چورن بخش نه ڪيو. مليل ڄاڻ موجب ڪالھ رات نامعلوم چور سندس گهر ۾ گھڙي عيد جي ڏينهن ۾ رات ڏينهن محنت ڪري ٻچڙن لاء ڪمائي گڏ ڪري رکيل 50 ھزار روڪ ۽ گهر ۾ رکيل الھ تلھ ٻهارو ڏئي کڻي فرار ٿي ويا. پورھيت جاني ڪولاچي پاران واقعي جي رپورٽ سيوھڻ ٿاڻي تي پڻ داخل ڪرائي آهي پر چورن جو ڪو پتو پئجي نه سگھيو آهي. ٻئي طرف متاثر پورھيت استاد جاني ڪولاچي صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته مان ڪافي وقت کان ڪينسر جهڙي موذي بيماري سان جنگ وڙهي رهيو آهيان پر ان باوجود چورن کي مون مسڪين تي رحم نه آيو. هن ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس  پي ڄامشورو کان پرزور اپيل ڪئي آهي ته مون مسڪين جي چوري ڪيل روڪ رقم ٻيو سامان واپس ڪرائي مون سان انصاف ڪيو وڃي.