سيوهڻ (ن پ ا) منرل اينڊ مائنز کاتي ۽ سيوھڻ انتظاميا سان گڏجي ڀڳو ٽوڙو جبل مان پٿر ڪڍي وڪرو ڪرڻ واري عمل خلاف سوشل ميڊيا تي خبرون وائرل ٿيڻ بعد اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ اقبال حسين جنڊاڻ ۽ منرل ۽ مائنز کاتي جي عملدارن ڪاروائي ڪري 4 ٽرڪ ڊائيورن انور سولنگي، فدا ملاح، راڻو سولنگي ۽ صاحب ڏنو ملاح کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ ٺيڪيدار، سپلائيرز جا نالا شامل نه ڪيا ويا. شهرين گھر ڪئي ته سنڌ جي فطري سونھن ڀڳو ٽوڙو جبل کي نقصان رسائيندڙ ٺيڪيدارن ۽ جعلي پرمٽ ھولڊرن خلاف جلد ڪيس داخل ڪري کين قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي.