سيوھڻ (ن پ ا) سنڌ يونائٽيڊ پارٽي تعلقي سيوھڻ پاران صدر  محمد نواز رند جي اڳوڻي ۾ شھرين ۽ ڪارڪنن پاران  پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ۽ صاف پاڻي سپلاء نه ٿيڻ خلاف ڌمال چوڪ تي علامتي بک ھڙتال ڪئي، ان موقعي تي  محمد نواز رند, عبدالحڪيم بڙدي, محمد خان سولنگي, مريد خان بروھي, فريد ٻگھيو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته  ميونسپل انتظاميه جي لاپرواهي سبب  بنيادي سهولتن کان محروم آهيون، پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي،   زھريلو پاڻي مھيا ڪيو پيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽِيس وٺي مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.