سيوهڻ (ن پ ا) سيوهڻ ۾ حضرت لال شهباز قلندر رح جي 773هين عرس مبارڪ جي پهرين ڏينهن تي سنڌ جي راندين واري کاتي پاران اسپورٽس آفيسر مريم ڪيريو جي اڳواڻي ۾ ملاکڙا گرائونڊ ۾ سنڌ جي روايتي راند ملھه جا مقابلا منعقد ڪيا ويا. ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري ٽن ڏينهن واري ملاکڙي جي مقابلن جو افتتاح ڪري ڇڏيو، عرس مبارڪ جي پهرين ڏينهن تي ملاکڙي جي مقابلن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ پهلوانن جي حوصلا افزائي ڪندي چيو ته ملاکڙو سنڌي ثقافتي ۽ راويتي راند آهي جنهن کي ترقي ڏيارڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي ان موقعي تي گل حسن چانڊيو، حضور بخش زرداري، سجاد لغاري، پھلوان راھب شيدي، موسن بھڻ، غلام حسين پٺاڻ سميت ٻين ملھ پهلوانن ملاکڙي ۾ مختلف گر استعمال ڪندي پهرين، ٻئي ۽ ٽين جوڙ جي پهلوانن کي ڪيرائي ڪاميابي حاصل ڪئي، ملاکڙي کي ڏسڻَ لاءِ هزارين شوقين ملھه ڏسڻَ لاءِ موجود هيا، جيڪي پهلوانن کي خوب داد ڏئي رهيا هيا واضح رهي ته ملاکڙو عرس مبارڪ جا ٽي ڏينهن جاري رهندو ان موقعي اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ وقاص ملوڪ، ڊي ايس پي سيوھڻ احمد بخش راهوجو، مظھر خاصخيلي ۽ سڪندر چانڊيو پڻ موجود هئا.