سيوهڻ(ن پ ا) ڪربلا جي شهيد حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندن جا نثارن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ قلندر جي نگري سيوھڻ ۾ عزاداري جو سلسلو رات ڏينهن جاري آهي. ان حوالي سان ڪالھه 9 محرم واري ڏهاڙي تي ڪربلا جي شهيد شهزاده قاسم عليه السلام جي سيج وارو جلوس قديمي امام بارگاھه شھزاده قاسم امام بارگاھ تان قريشي خاندان جي اڳواڻي ۾ خيرو کنڀاٽي واري پڙ تان برآمد ڪيو ويو، ھي ميندي واري رسم قريشي خاندان جي عورتن پاران ادا ڪئي وئي. ھن تاريخي ۽ قديمي سيج ۾ عزادارن پنهنجي من جون مرادون پوريون ٿيڻ لاءِ شيون، مٺايون، پتاشا ۽ ڪٽي جو نياز کڻي اچي باسون باسيون. ٿيون جنهن ۾ وڏو انگ عورتن جو شامل هوندو آهي. بعد ۾ مرڪزي ۽ تاريخي جلوس مرثيا خواني سان مختلف رستن تان ٿيندو حضرت لعل شهباز قلندر جي قديمي الم پاڪ واري صحن ۾ پهتو جتي ٻانهن جو گول پٽ جو ماتم برپا ڪيو ويو، جنهن بعد جلوس واپس ڄاڻايل امام بارگاھ ۾ پهچي نهر ڪيو ويو. ماتمي جلوس جي نگراني لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا ھئا، جنهن ۾ رينجرز ۽ پوليس اهلڪار شامل ھئا. ٻئي پاسي مومنن پاران ماتمي عزادارن لاءِ ٿڌي پاڻي شربت ۽ نياز نگر نياز جو پڻ بندوبست ڪيو ويو. هوڏانهن ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ جي عملي پاران ماتمي جلوس جي رستن ۽ گهٽين جي صفائي جا انتظام ڪيا ويا ۽ حيسڪو واپڊا جي ملازمن پڻ جلوسن ۾ پنهجي ڊيوٽي جا فرائض سر انجام ڏنا.