سيوهڻ (ن پ ا) درگاھ قلندر لال شهباز جي گولڊن گيٽ جي وي آءِ پي گيٽ وٽ درگاھ جي ون فائيو پوليس پڪٽ تي موجود پوليس اهلڪار پاران دڪاندار مٿان مبينا طور تشدد ڪيو ويو، دڪاندار شان علي ڪنڀر کي شهرين ڇڏائي ورتو، ان حوالي سان متاثر دڪاندار موجب ته ڏهاڙي ڪمائي ڪري گهر جو گذر سفر ڪري پنهنجا ٻچا پاليندو آھيان، پوليس اهلڪار ڀتو نه ڏيڻ تان تشدد جو نشانو بڻايو آهي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.