سيوھڻ(ن پ ا) تعلقي سيوھڻ لڳ ڳوٺ شھپات رند وٽ گيس ۽ تيل ڪمپني او جي ڊي سي ايل پاران مقامي ڳوٺاڻن کي ڪمپني اندر روزگار نه ڏيڻ ۽ زمين جو معاوضو نه ڏيڻ خلاف مختلف ڳوٺن ڳوٺ حاجي داد محمد رند، ڪرڙ خان رند، محمد پريل برھماڻي، ڳوٺ محمد ابراھيم، ڪرڙ خان ۽ ٻين ڳوٺن جي سوين ڳوٺاڻن ڪالھه ٻئي ڏينهن به ڄاڻايل ڪمپني جو گھيراءُ ڪري ڪمپني جي گيٽ آڏو ڌرڻو ھڻي سخت احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي متاثر ڳوٺاڻن سڄڻ خان رند، ميان بخش, محمد ابراھيم، غلام قادر ۽ ٻين چيو ته او جي ڊي سي ايل ڪمپني انتظاميا ھتي ڪمپني جي ڪئمپ قائم ڪرڻ بعد واعدن تان ڦري وئي آهي

 

 

۽ 6 مھينا گذرڻ باوجود مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ ۾ نظر انداز ڪيو ويٺي آهي ۽ ڪمپني ٻين صوبن پري کان ٻين شھرن مان ملازم ۽ مزدور آڻي کين ھتي نوڪرين سان لڳائي رھي آهي جيڪا مقامي ڳوٺاڻن سان سراسر ناانصافي آهي ۽ ھو روز آفيس جا ڌڪا کائڻ تي مجبور آهن. ھوڏانھن ڄاڻايل گيس تيل ڪمپني انتظاميا ڳوٺاڻن جي ٻن ڏينهن کان جاري احتجاج جو نوٽيس وٺندي ساڻن ڳالهيون ڪيون ۽ کين يقين ڏياريو ته ڪمپني سندن روزگار سميت ٻيا جائز مطالبا تسليم ڪري حق فراھم ڪندي جنهن بعد ڳوٺاڻن احتجاج عارضي طور ختم ڪيو ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کين روزگار سميت جائز حق نه ڏنا ويا ته ڪمپني آڏو ٻيھر احتجاج ڪيو ويندو.