حيدرآباد(بيورو رپورٽ) زميني تڪرار تان ھٿياربندن جو سرڪاري ھاءِ اسڪول تي حملي دوران فائرنگ، ڀڃ ڊاھه واري ڪيس ۾ دھشتگردي جي خاتمي واري عدالت 7 جوابدارن جي عبوري ضمانت 50-50 ھزار رپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪري ورتي آهي. سيوھڻ پوليس دھشتگردي ايڪٽ تحت 12 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ھو ۽ 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. 7 جوابدارن کي 24 مارچ تائين عبوري ضمانت ڏني وئي آهي جن ۾ غلام مصطفيٰ، وريام رند، غلام قادر، محمد ابراهيم، سائين ڏنو، ولي محمد رند، سردار بڙدي پنھجي وڪيل ايڊووڪيٽ ظفر چانڊيو معرفت عبوري ضمانت لاءِ دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ درخواستون داخل ڪرايون ھيون واضح رهي ته ڪجھ ڏينھن اڳ سيوھڻ جي گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول ۾ 6 کان 8 ڪلاس جي ھلندڙ امتحان دوران هٿياربند جوابدارن پاران اسڪول تي اوچتو چڙھائي ڪري ڀڃ ڊاھ ڪئي. سيوھڻ جي ڳوٺ شھپات سان تعلق رکندڙ رند برادري جي ھٿياربندن پاران زمين جي تڪرار تان ٻنھي ڌرين ۾ ٿيل معمولي جھيڙي بعد سيوھڻ پھچي بوائز ھاءِ اسڪول تي حملو ڪري اتي ويٺل استاد پير محمد رند کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جوابدارن اسڪول ۾ فائرنگ ڪري اسڪول جي آفيس جو دروازو ٽوڙي ٻن موٽرسائيڪلن کي پڻ سخت نقصان پھچايو جنهن بعد ھاءِ اسڪول جي سينيئر استاد پير محمد رند آفيس جو دروازو بند ڪري پنهنجي جان بچائي ورتي جڏهن ته اسڪول جي استادن جي گڏ ٿيڻ تي ھٿياربند فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس 4 جوابدارن ديدار، روشن، جنسار ۽ منور رند کي گرفتار ڪري ھٿيار به ھٿ ڪيا ويا هئا. واقعي بابت متاثر استاد پير محمد رند جي فرياد تي سيوھڻ ٿاڻي تي 12 جوابدارن خلاف دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو. اي ٽي اي تحت داخل ڪيل ڪيس ۾ 324, 353, 148, 149, 427, 504, 337, 6/7 قلم شامل ڪيا ويا آهن جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدارن ۾ ديدار رند، جنسار، منور ڪٽوھڙ، سائين ڏنو، روشن، ابراھيم، ولي محمد، غلام مصطفيٰ، وريام، غلام قادر، سردار بڙدي ۽ ھڪ نامعلوم شامل ڄاڻايا ويا آهن.