سيوھڻ(رپورٽ:اشرف عطار ) سيوھڻ ۾ ھٿياربندن زمين جي تڪرار تان بوائز ھاء اسڪول تي حملو ڪري ڏنو . موٽرسائيڪل سوار جوابدارن اسڪول ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري اسڪول جي آفيس جو دروازو ٽوڙي گاڏين کي نقصان پھچايو. اھڙي صورتحال بعد ھاءِ اسڪول جي استاد پير محمد رند آفيس جو دروازو بند ڪري پنهنجي حياتي بچائي. جڏهن ته استادن جي گڏ ٿيڻ تي ھٿياربند فرار ٿي ويا. ھوڏانھن اسڪول تي حملي واري واقعي خلاف استادن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. متاثر استادن پير محمد رند، عرفان ڪوريجو، غلام حيدر ڪڇار، يار محمد ساکڙو ۽ ٻين چيو ته هڪ استاد سان زميني تڪرار تان حملو ڪيو ويو. ذاتي تڪرار تان تعليمي اداري تي حملو ڪرڻ سٺو عمل نه آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي ان ڪري حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. متاثر استاد پير محمد رند جي فرياد تي 12 جوابدارن خلاف سيوھڻ ٿاڻي تي دھشتگردي وارن قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدارن ۾ ديدار رند، جنسار، منور ڪٽوھڙ، سائين ڏنو، روشن، ابراھيم، ولي محمد، غلام مصطفي، وريام، غلام قادر، سردار بڙدي ۽ ھڪ نامعلوم شامل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب حملي جي 4 جوابدارن دیدار، روشن، جنسار ۽ منور رند کي گرفتار ڪري ھٿيار به ھٿ ڪيا آهن، ٻئي طرف حملي ڪيس ۾ فريادي ٿيل استاد پير محمد رند پنهنجي فرياد ۾ ڄاڻايو آهي ته جوابدار ديدار رند جي پٽ جي منهنجي پٽ سان منھن ماري ٿي ھئي اڄ اسان پنھنجي اسڪول جي اسٽاف روم ۾ ويٺا ھئاسون ته ڄاڻايل جوابدارن مون کي مارڻ جي ارادي سان اسڪول تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي پر آء معجزانا طور بچي ويس. هوڏانهن گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول تي حملي بعد ايس ايڇ او سيوھڻ ذوالفقار اوڍاڻي اطلاع ملڻ تي ھاء اسڪول پھچي ويو واقعي بابت اسڪول انتظاميا کان معلومات ورتي. ٻئي طرف بوائز ھاء اسڪول تي ھٿياربندن پاران حملو ڪرڻ وارو معاملو جون خبرون ميڊيا تي اچڻ بعد سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه معاملي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مامري جي رپورٽ طلب ڪئي آهي.