سيوھڻ(ن پ ا) سيوھڻ مان سيوھڻ سب جيل جي پوليس اھلڪار نواب خان گاڏھي جي 2 ھفتا اڳ چوري ٿيل موٽرسائيڪل واپس نه ٿيڻ ۽ بااثر جي مداخلت خلاف متاثر اھلڪار پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ نيشنل پريس ڪلب پھچي احتجاجي مظاهرو ڪري انصاف لاءِ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اھلڪار نواب خان گاڏهي ۽ مجاهد گاڏهي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته اسان ناٿا فائونڊيشن جي اسپتال آڏو موٽر سائيڪل بيهاري اکيون ڏيکارڻ وياسين ته سندن ٻاھران موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي اهڙو اطلاع سيوهڻ ٿاڻي تي ڏنو، پوليس ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو پر بااثر شخص دائم ٽالپر پنهنجو زور لڳائي گرفتار ٿيل ڏوهاري کي آزاد ڪرايو جنهن بعد ڏوهاري ڌر پنهنجي جان ڇڏائڻ خاطر اسان تي ٻن ٻارن جي ماء کي اغوا ڪرائڻ جو ڪوڙو الزام لڳائي رهي آهي. هنن ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته چورن ۽ پاٿاريدارن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل موٽر سائيڪل واپس ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.