سيوهڻ(ن پ ا) سيوهڻ ويجهو ڳوٺ ڳاڙهي واري لڳ پلاٽ جي مالڪي جي تڪرار تان رند ۽ ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ خونريز جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڏنڊا لڳڻ ۽ فائرنگ ۾ 4 ڄڻا ذوالفقار ملاح، رحيم بخش ملاح، ڪمال ملاح ۽ منٺار ملاح زخمي ٿي پيا، زخمين کي سيوھڻ اسپتال منتقل ڪري طبي امداد ڏني وئي آهي. ٻئي طرف واقعي خلاف متاثرين ڌر جي ملاح برادري پاران انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ملاح برادري جي زخمي منٺار ملاح ٻڌايو ته ڳوٺ ڳاڙهي واري روڊ تي اسان جي پنهنجي زمين اهي جنھن جا ڪاغذات اسان وٽ موجود آهن پر رند برادري جي بااثر هٿيار بندن فائرنگ ڪري اسان کي زخمي ڪيو آهي ۽ هو زبردستي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جڏهن ته اهڙو فيصلو اڳ به ٿيل آهي ان باوجود اسان سان ڏاڍ جي زور پلاٽ تي قبضو ٿا ڪن.