سيوھڻ(ن پ ا(سيوھڻ جي بندر محلا واسي حجامڪو ڪم ڪندڙ پورھيت منظور عمراڻي جي نوجوان پٽ محمد اويس کي مبينا طور کنڀي گم ڪرڻ خلاف سندس والد نيشنل پريس ڪلب سيوھڻ پھچي پوليس خلاف احتجاج  ڪيو، ان موقعي تي پورھيت منظور عمراڻي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته منھنجو ڪافي سالن کان غلام علي عمراڻي ۽ ذوالفقار جويو سان شاھي بازار ۾ دڪان جي مالڪي تان تڪرار ھلندڙ آهي جيڪو معاملو عدالت ۾ ھلندڙ آهي پر ان باوجود انھن منهنجي پٽ خلاف ڪيترائي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن ۽ سيوھڻ پوليس 3 ڏينهن اڳ منهنجي پٽ محمد اويس کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. ھن سنڌ جي وڏي وزير ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف  قانوني ڪارروائي ڪري  پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي.