سيوهڻ(ن پ ا) سيوهڻ جي ڀڳو ٽوڙو جبل مان پٿر کڻڻ خلاف احتجاجي مظاهرو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سيوهڻ ڀرسان ڀڳو ٽوڙو جبل مان غيرقاني پٿر کڻڻ ۽ پلاٽ تي قبضي ڪرڻ خلاف رئيس محمد خان رند جي اڳواڻي رند برادري جو پريس ڪلب سيوهڻ پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪانفرنس ڪندي الزام لڳائيندي چيو ته شاھ محمود شاھ، عباس نوحاڻي، مظھر جتوئي، قبضا مافيا ڀڳوٽوڙو جبل مان غير قانوني پٿر کڻي رهيا آهن منهنجو ذاتي پلاٽ آهي جتان گاڏيون ڪراس ڪري رهيون آهن منع ڪرڻ تي ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي هن وڌيڪ چيو ته ڀڳو ٽوڙو جبل جي ڪٽائي ڪري غيرقاني پٿر کڻڻ سبب جبل جي سونهن پڻ متاثر ٿي رهي آهي اسان اھڙي آگاھي منرل ۽ مائينز کاتي جي عملدارن کي پڻ ڏني آهي پر تنهن هوندي جبل مان پٿر ڏاڍ ذريعي کنيو پيو وڃي جڏهن ته بااثر ڌر وٽ ڪا به ليز به ناهي ور پوليس انھن جي ونگاري بنيل آهي ان ڪري ڪم بند نه ٿيو ته خونريزي جو امڪان ٿي سگهي ٿو. ھنن ايس ايس پي ڄامشورو ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جلد ڀڳو ٽوڙو جبل مان غيرقانوني پٿر جي ڪٽائي جو ڪم بند ڪرايو وڃي.