ڀان سيدآباد ( ن پ ا ) سيوهڻ جي مڪراڻي پاڙي جي رهواسڻ آسيه بلوچ پنهنجي ڀائرن ۽ ننڍي ڀيڻ سميت پريس ڪلب پهچي دانهيندي الزام هنيو ته چاچا شعيب ۽ ڪامران امڙ شمائلا کي بليڪ ميل ٿا ڪن، چاچن ڪيترائي ڀيرا امڙ سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي آهي، هوڏانهن ناري آسيه بلوچ سيوهڻ ٿاڻي تي پهچي پنهنجي چاچن جي ظلمن خلاف اين سي  داخل ڪرائي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سيوهڻ ٻڌايو ته ناري جي شڪايت ٻڌي آهي، پوليس جوابدارن جي ڳولا ڪري پئي، متاثره ناري کي انصاف فراهم ڪيو ويندو.