سيوهڻ(ن پ ا) تعلقي سيوھڻ جي مختلف ڳوٺن ۾ چوپائي مال ۾ بيمارين جي منھن ڪڍڻ بعد جانورن جي ويڪسين جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، ٻڌايو وڃي ٿو ته چوپائي مال ۾ ڳنڊ جي بيماري، رتاوان دست ۽ سمهڻي جي بيمارين واريون علامتون ظاهر ٿيڻ لڳيون آهن جنهن تي ڳوٺاڻن چيو آهي ته چوپائي مال ۾ وائرس ڦھلجڻ کانپوء سندن ڪيترائي جانور بيمار ٿي چڪا آهن. ٻئي طرف ڳوٺاڻن جي شڪايت تي ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر نظام الدين جمالي پاران معاملي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ ھن بيمار جانورن کي ويڪسين ڪرڻ لاء لائيو اسٽاڪ اينيمل هسبيڊري جي ٽيم کي متاثر ڳوٺ ڪرمپور پهچڻ جو هدايتون ڏنيون, جنهن تي سيوھڻ مان ھڪ ٽيم ڊاڪٽر ضمير ڪلهوڙو ۽ ڊاڪٽر محبوب اوڏ جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ ڪرمپور پهچي بيمار جانورن جو علاج شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته بيمار مال ۾ ايڇ ايس وي، اي ٽي وي ۽ ايف ايم ڊي ويڪسين لڳائي وئي آهي ۽ لائيو اينيمل هسبينڊري اسپتال جي ٽيم پاران ڳوٺ ڪرمپور جي ھن مھل تائين 3000 کان وڌيڪ مينهن ۽ ٻڪرين کي ويڪسين جا ٽڪا لڳايا ويا آهن.