سيوهڻ(ن پ ا) سيوهڻ جي مختلف ٻيلن تي بااثرن قبضا ڪري ورتا آهن، جنهن سبب 12 هزار ايڪڙ ايراضي تي فصل پوکجي ويا آهن، جتان قيمتي وڻن جي واڍي پڻ ٿي رهي آهي. ان ڏس ۾ تعلقي سيوهڻ ۾ ٻيلي کاتي جي عملدارن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪمن کي نظرانداز ڪندي ڪنداھه ٻيلي سميت ٻين ٻيلن ۾ زمينون آباد ڪرائي ڪڻڪ جي پوکائي پڻ مڪمل ڪرائي وئي آهي، ذريعن موجب ڄامشورو ضلعي ۾ تعلقي سيوھڻ جي مختلف ٻيلن خيروديرو، ڪنداھه، شاھه ڳڙهه، ڪالو ڀوري ۽ آباد ٻيلي ۾ قائم سرڪاري ٻيلي کاتي جي زمينون ٻيلي کاتي جي آفيسرن جي نااهلي، لاپرواهي سبب ٻيلا تباھه ٿي ويا آهن، جڏهن ته ٻيلن ۾ وڻ پوکي ٻيلا آباد ڪرڻ واري عدالتي حڪم جي خلاف ورزي ڪندي ٻيلي کاتي ضلعي ڄامشورو جي عملدارن ٻيلن جون سرڪاري زمينون رشوت عيوض بااثر ماڻهن جي حوالي ڪري زمينون آباد ڪرائي انھن تي ڪڻڪ سميت ٻيا فصل پوکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته سڀني ٻيلن مان قيمتي وڻن جي واڍي پڻ بند نه ٿي سگهي آهي، مليل ڄاڻ موجب ڪجهه وقت اڳ سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته روينيو کاتو ٻيلن جي صورتحال جي نگراني لاءِ هڪ جديد ٽيڪنالاجي سيٽلائيٽ ۽ فزيبلٽي رپورٽ تي ڪم ڪري رپورٽ پيش ڪري پر روينيو کاتي به عدالت جي حڪم کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. جنهن بعد تعلقي سيوهڻ ۾ ڄاڻايل ٻيلن جي 12 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ سرڪاري زمين تي بااثر ماڻهن قبضو ڄمائي ورتو آهي جن بااثر ماڻهن کي ٻيلي کاتي ضلعي ڄامشورو جي آفيسرن جي آشيرواد حاصل آهي. جڏهن ته عدالت حيسڪو ۽ سيپڪو اختيارين کي ٻيلي کاتي جي زمينن تان غير قانوني طور لڳايل ٽرانسفارمر، ٿنڀا هٽائڻ ۽ بجلي جي فراهمي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هئو پر حيسڪو ۽ سيپڪو اختيارين عدالت جي حڪم تي عمل نه ڪيو ۽ ٻيلي کاتي جي زمينن تي بجلي جي فراهمي اڃا تائين جاري رکي وئي آهي. ان سلسلي ۾ مختلف ڌرين ۽ سڄاڻ اڳواڻن ڪامريڊ اڪبر ملاح، محمد فاروق سولنگي، محمد نواز رند ۽ ٻين الزام هنيو ته ٻيلي کاتي ڄامشورو جي سب ڊويزنل آفيسر ذيشان ڀنڀرو ۽ رينج فاريسٽ آفيسر سيوهڻ غلام جعفر ملاح جي لاپرواهي ۽ نااهلي جي ڪري ضلعي جا ٻيلا تباھ ٿي ويا آھن جنهن ڪري سيوھڻ تعلقي جو عوام ھر سال ٻوڏن سميت قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهي، جڏهن ته ٻيلن مان قيمتي وڻن جي واڍي جاري آھي ۽ سرڪاري زمينن تي بااثر ماڻهو قبضو ڪري ۽ زمينون آباد ڪري هر سال ڪروڙين رپيا ڪمائي رهيا آهن پر سرڪاري خزاني ۾ هڪ رپيو به جمع نه ٿو ٿئي، ٻيلي کاتي جي عملدارن جي بدعنواني ۽ رشوت خوري سبب تعلقي سيوهڻ سميت سڄي ضلعي جا ٻيلا بااثر ماڻهن جي قبضي هيٺ آهن، ھنن وڌيڪ چيو ته ٻيلي کاتي جا آفيسر ٻيلي جي زمينن تان قبضا هٽائڻ جو ڊرامو رچائي فوٽو سيشن لاءِ آپريشن ڪندا آهن ۽ فوٽو سيشن بعد عدالت ۾ ان بابت ڪوڙيون رپورٽون پيش ڪندا آهن، جڏهن ته ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمينن تي اڃا تائين قبضا برقرار آھن، هنن چيو ته سرڪاري قيمتي وڻ وڍي ڳري رقم عيوض کپايو ٿو وڃي، پر بدقسمتي سان ٻيلي کاتي سنڌ جا اعليٰ آفيسر به خاموش تماشائي بڻيل آهن. ھنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڄامشوري ضلعي جي ڪرپٽ فاريسٽ عملدارن خلاف قانوني قدم کڻي سيوھڻ تعلقي جا ٻيلا جلد بحال ڪرايا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.