سيوهڻ(ن پ ا) سيوهڻ جي سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ ۾ آپريشن دوران سيوھڻ واسي پورھيت شخص بخشل سولنگي جو 4 سالن جو نينگر ذيشان علي سولنگي جي فوت ٿي ويو. واقعي بعد فوتي نينگر جي وارثن پاران ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام هڻندي لعل باغ جي انڊس ھاءِ وي پل تي 2 ڪلاڪن تائين ڌرڻو ھڻي ٽائرن کي باھيون ڏنيون آهن ۽ سخت نعريبازي ڪئي، ڄامشورو – سيوھڻ انڊس ھاءِ وي روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب روڊ جي ٻنهي طرفن کان سوين مسافر گاڏيون بيھجي ويون، جنهن ڪري روزيدار مسافرن کي سخت پريشاني کي منھن ڏيڻو پيو، ڌرڻي ۾ شامل متاثر ڌر پاران الزام ھيٺ آيل ڊاڪٽرن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪرڻ جو مطالڀو ڪيو ويو ۽ سندن چوڻ آهي ته فوتي نينگر کي پيشاب جي خرابي هئي اسان کيس ٺيڪ ٺاڪ اسپتال کڻي آيا ھئاسين جيڪو آپريشن دوران ڊاڪٽر شھزاد ۽ بيھوشي واري ڊاڪٽر يعقوب چنڙ جي غفلت سبب فوت ٿي ويو. ھنن مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل ڊاڪٽرن کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکيو ويندو. ٻئي طرف سيوھڻ انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين الدين صديقي جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪرائي غفلت ثابت ٿيڻ تي ڊاڪٽرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.