سيوهڻ (ن پ ا) سيوهڻ جي سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ ۾ 2 ڏينهن اڳ سي آءِ اي پوليس ڄامشورو پاران پڪڙيل ڪار مان قيمتي دوائون ھٿ ڪرڻ بعد دوائون چوري ڪرائڻ جي الزام هيٺ آيل سيوھڻ انسٽيٽوٽ جي 2 ملازمن شوڪت ملاح، جھانگير ملاح پنهنجي مائٽ عرس ملاح سان گڏ پريس ڪلب پھچي احتجاج بعد پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجي مٿان دوائون چوري ڪرڻ وارن لڳل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آٓهي، ھنن چيو ته چوري ٿيل دوائون سان ڪو به واسطو ناهي، دوائن جي چوري بابت مختلف وقتن تي پنهنجي بالا آفيسرن کي آگاھي ڏيندا رهيا آهيون، انسٽيٽيوٽ جون دوائون چوري ٿينديون رهن ٿيون، اهڙيون خبرون اڳ ۾ به اخبارن ۾ اينديون رهيون آهن ۽ ڪيس به داخل ٿيندا رهيا آهن، اسان کي ان رات به اداري جي ڊائريڪٽر، اسٽور ڪيپر ۽ ٻين عملدارن حڪم ڪيو ته دوائون سان گاڏي لوڊ ڪيو، اوهان گاڏي ۾ دوائون جا کوکا رکو، جنهن تي اسان انڪار ڪندي جواب ڏنو علط ڪم آهي پر اسان تي دٻاءُ وڌو ويو، نوڪري مان فارغ ڪرڻ چيو ويو، بعد ۾ خبر پئي ته دوائون جي لوڊ ٿيل گاڏي سي آءِ اي ڄامشورو پڪڙي آهي، هنن چيو ته پڪڙيل جوابدارن کان اسان جا نالا زبردستي کڻايا ويا آهن، اسان جو چوري ٿيل دوائون سان ڪو به واسطو ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مامري جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.