ڄامشورو(رپورٽر) آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن سنڌ جي اڳواڻ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ لمس يونيورسٽي جي ملازم اڳواڻ ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي مٿان الزام هيان پيا وڃن. مرڪزي فيڊريشن جي اڳواڻ سڪندر جوڻيجو، غلام نبي ڀلائي، سيد اشتياق حسين شاھه، غلام مصطفي چانڊيو ۽ ٻين مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سيوا جا اڳوڻا اڳواڻ محمد علي گھانگھرو ذوالفقار علي رستماڻي ۽ لسوا جا اڳوڻا اڳواڻ سعيد احمد لاشاري ۽ مخدوم اشفاق عباسي آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن خلاف مسلسل سازشون ڪري ملازم دشمني ڪري رھيا آھن ھنن پنهنجي ذاتي مفادن خاطر سنڌ يونيورسٽي ۽ لمس يونيورسٽي جي ملازمن سان به تمام وڏيون ويساھه گھاتيون ڪيون آهن، ۽ پنھنجا فائدا ورتا آھن محمد علي گھانگھرو, ذوالفقار علي رستماڻي ۽ لمس يونيورسٽي ۾ پاڻ کي لسوا اڳواڻ سڏائيندڙ سعيد لاشاري ۽ مخدوم اشفاق ڪجھه ڏينهن پھريان ڪوڙ جي بنياد تي پريس ڪانفرنس ڪري فيڊريشن خلاف ڪوڙي ۽ من گهڙت پروپيگنڊا ڪئي. فيڊريشن خلاف سازشون ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري سندن جي فيڊريشن مان تاحيات ميمبرشپ ختم ڪئي وئي آهي فيڊريشن اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اسان سنڌ يونيورسٽي ۽ لمس يونيورسٽي جي انتظاميائن کي به آگاھه ٿا ڪيون ته محمد علي گھنگھرو، ذوالفقار علي رستماڻي،سعيد احمد لاشاري ۽ مخدوم اشفاق عباسي ملازم اڳواڻ ناھن تنهن ڪري انهن جي ڪنهن به بليڪ ميلنگ نه اچن ۽ ميرٽ جي بنياد تي ملازمن بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن.