سيھڙ(ن پ ا) سيھڙ ڀرسان ڳوٺ ٽاٽڙي ۾ ڪوڏي ڪوڏي راند جا مقابلا ڪرايا ويا، جنهن ۾ گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻو جي رانديگرن جي ٻن ٽيمن ۾ زبردست مقابلو ٿيو، لاڙڪاڻي جي رانديگرن جي ٽيم زبردست مقابلي بعد گهوٽڪي جي ٽيم کي شڪست ڏئي سوڀاري ٿي،  ڪوڏي ڪوڏي راند ۾ ٻنهي ٽيمن جي  عمران راجپوت، ممتاز شيخ، گلبهار پتافي، جانب عمراڻي، سلطان رند، رياض جَٽ،عزيز سِنگهڙ پپو راڄپر ۽ ٻين رانديگرن بهترين مقابلو ڏيکاريو مئچ جي آرگنائيزر حاجي عزيز ٽاٽڙي،منٺار منگي آصف ٽاٽڙي،علي نواز ٽاٽڙي خادم جکرو ۽ ٻين کٽيندڙ ٽيم جي رانديگرن کي روڪ رقم ۽ ٻيا انعام ڏنا.