لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سينٽرل ڪانٽريڪٽ لاءِ 25 رانديگرن جي چونڊ ڪئي آهي جنهن ۾ به سنڌ سان واسطو رکندڙ رانديگرن سرفراز احمد، شاهنواز ڏاهاڻي، زاهد محمود کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. بابراعظم ۽ محمد رضوان کي اي ڪيٽيگري ڏني وئي آهي. شاهين شاهه آفريدي، نسيم شاهه کي بي ڪيٽيگري ۾ رکيو ويو آهي. ٽيسٽ ڪپتان شان مسعود کي ڪپتان رهڻ جي شرط تي بي ڪيٽيگري ۾ رکيو ويو آهي. عبدالله شفيق، حارث رئوف، ابرار احمد، صائم ايوب، ساجد خان، شاداب خان، سعود شڪيل ۽ سلمان علي آغا کي سي ڪيٽيگري ۾ رکيو ويو آهي. نعمان علي جي سي ڪيٽيگري ۾ شموليت فٽنس سان مشروط آهي. عامر جمال، محمد وسيم جونيئر، محمد هريره، مير حمزه، خرم شهزاد، محمد علي، عثمان خان، عرفان خان نيازي، حسيب الله خان، عباسي آفريدي ۽ ڪامران غلام کي ڊي ڪيٽيگري ۾ رکيو ويو آهي. محمد نواز، سرفراز احمد، عماد وسيم، فهيم اشرف، افتخار احمد، احسان لله، طيب طاهر، شاهنواز ڏاهاڻي، محمد حارث، زمان خان، ارشد اقبال، حسن علي، اسامه مير، امام الحق ۽ زاهد محمود ڀٽي کي ڪانٽريڪٽ نه مليو آهي. امرجنگ ڪرڪيٽ جي 5 رانديگرن کي به ڪانٽريڪٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.