اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ پنهنجي ٽن سينيٽرز جي معطلي بابت ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي رولنگ رد ڪندي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر کان استعيفا ۽ معافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ڊپٽي چيئرمين رولنگ ڏني ته اپوزيشن جي ٽن سينيٽرز نامناسب لفظ استعمال ڪري ايوانِ جو تقدس پائمال ڪيو، سندن رويو ايوان جي گهرجن پٽاندڙ نه هو، معطلي ۽ نيڪالي جو اختيار رکڻ باوجود معاملو اپوزيشن ليڊر ۽ قائد ايوان تي ڇڏيون ٿا، پي ٽي آءِ سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڊپٽي چيئرمين ماڊريٽر بدران ڌُر بڻجي ويندو آهي، جڏهن رِٿ تي ڳڻپ جو نتيجو حڪومت خلاف آيو ته نتيجو روڪي ڇڏيو، ڊپٽي چيئرمين ڳڻپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ۽ عهدي تان استعيفا ڏئي، جڏهن ته قانون جي وفاقي وزير، سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي خطاب دوران اپوزيشن گوڙ ڪيو. ان کان اڳ سينيٽ جو اجلاس پرزائيڊنگ آفيسر عرفان صديقيءَ جي صدارت هيٺ ٿيو. بلوچستان بس حملي ۾ فوت ٿي ويلن جي لاءِ سينيٽ ۾ دعا گهرائي وئي. عرفان صديقي چيو ته بس تي حملو صوبائي نفرتن کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش آهي. پر پنجاب ۽ بلوچستان سمجهن ٿا ته ٻنهي صوبن وچ ۾ ويڇا ۽ نفرت ناهي. جيڪڏهن پنجاب جي ماڻهن کي نشانو بڻيا ته ان ۾ بلوچستان جو ڪو ڪردار ناهي. سڀ ڄاڻين ٿا ته ان جي پٺيان ڪجهه عناصر آهن. شبلي فراز چيو ته اسان جي قانون، رولز ۾ جهول آهي، عرفان صديقي پرزائيڊنگ ڪري رهيو آهي، شبلي فراز چيو ته ٽن چئن سيشن ۾ سينيٽ جو پارليماني سال مڪمل ٿي رهيو آهي. چيئرمين سينٽ يوسف رضا گيلاني ايوان جي صدارت نه ڪري رهيو آهي. يوسف رضا گيلاني ايوان ۾ نه پيو اچي. شبلي فراز چيو ته بل جڏهن هن ايوان ۾ آيو ته اپوزيشن ليڊر کي تقرير نه ڪرڻ ڏني وئي. جنهن تي ڊپٽي چيئرمين کي معافي گهرڻ گهرجي ها. پر هن اسان جي ٽن سينيٽرز کي معطل ڪري ڇڏيو.