اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ پارليامينٽيرينز جي پگهارن ۽ رعايتن جو ترميمي بل منطور ڪيو ويو، سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر دنيش ڪمار ترميمي بِل 2025ع پيش ڪيو، قانون جي وفاقي وزير، سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته بِل جي منظوري تي ڪوبه اعتراض ناهي، قومي اسيمبلي تازو هائوس فنانس ڪاميٽي کي پگهارن ۽ رعايتن بابت اختيار ڏنو هو، سينيٽ ۾ به هائوس فنانس ڪاميٽي کي اهڙو اختيار ڏنو پيو وڃي، اُن سان ٻنهي ايوانن ۾ ساڳئي پاليسي هوندي، بِل موجب سينيٽ هائوس فنانس ڪاميٽي ميمبرز جي مالي معاملن جو جائزو وٺندي، ميمبرز جي مالي معاملن ۾ پارليامينٽ بااختيار هوندي، اجلاس ۾ پيش ڪيل دِيَت جو بِل قانون بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو. بل ۾ چيو ويو ته ديئت جي رقم ٻه هزار گرام سون يا جوابدار جي وسيلن جو چوٿون حصو مقرر ڪيو وڃي، سينيٽ ۾ آئين جي آرٽيڪل 27 ۾ ترميم جو سينيٽر عبدالقادر بل پيش ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سول سروس ۾ ڪوٽا سسٽم ۾ واڌ ڪري 40 سال کان 70 سال ڪئي وڃي، سينيٽ اجرتن جي ادائگي ترميمي بل، اسلام آباد مسواڙي ترميمي بل ۽ ڪارخانن بابت ترميم بل به منظور ڪري ورتو. شبلي فراز چيو ته اسان کي ڳالهائڻ جي اجازت نٿي ڏني وڃي، سينيٽر محسن عزيز ڪورم جي نشاهدي ڪئي، سينيٽ جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو.