اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مختلف بل ۽ قراردادون پيش ڪيون ويون، ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي انگريزي جو ذڪر سينيٽ جي اجلاس ۾ به ٿيو، اجلاس ۾ جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد اردو بطور قومي ٻولي قرار ڏيڻ بابت رٿ ايوان ۾ پيش ڪئي، سينيٽر مشتاق احمد چيو ته بابر اعظم ڪرڪيٽ جي دنيا جو برانڊ آهي، شعيب اختر چوندو آهي ته بابر اعظم انگريزي نٿو ڳالهائي سگهي ان ڪري اسٽار نٿو بڻجي سگهي، هن چيو ته پاڪستان جي آئين موجب اردو کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو ويو آهي، سپريم ڪورٽ اردو سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، اردو کي سرڪاري ٻولي قرار ڏئي سمورن آفيسن ۾ رائج ڪئي وڃي، عدليه پنهنجا فيصلا اردو ۾ جاري ڪري، پ پ جي سينيٽر تاج حيدر چيو ته اردو کي سرڪاري ٻولي طور رائج ڪرڻ بابت گڏيل ڪاميٽي جوڙي وڃي، اردو کي سرڪاري ٻولي طور لاڳو ڪرڻ سٺو قدم آهي. سينيٽ ۾ وياج جي خاتمي لاءِ قرارداد پيش ڪئي وئي، جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد قرارداد پيش ڪئي، مملڪتي ناڻي وزير عائشه غوث بخش چيو ته حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ته ملڪ جي اڪنامي کي وياج فري هجي، حڪومت وياج جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، سينيٽ جي ايوان وياج جي خاتمي بابت قرارداد منظور ڪري ورتي. جلاس ۾ پيپلز پارٽي جي سينيٽر پلواشه خان ڀارت ۾ اقليتن تي ظلمن جي خلاف سينيٽ ۾ قرارداد منظور ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته ڀارتي پنجاب ۾ سکن تي به ظلم ڪيا پيا وڃن، جنهن تي سينيٽ چيئرمين قرارداد جو ڊرافٽ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ايندڙ اجلاس ۾ قرارداد منظور ڪئي ويندي، محسن عزيز چيو ته سنڌ طاس معاهدي تي ڀارت پاران تمام گهڻيون خلاف ورزيون ٿيون ۽ هاڻي هڪ خط گردش ڪري رهيو آهي جيڪو ڀارت پاران وزيراعظم کي لکيو ويو آهي، ان کي به لڪايو پيو وڃي، ان خط تي ايوان ۾ وضاحت ڪئي وڃي، جڏهن ته جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد جو پيش ڪيل توشا خانه سار سنڀال، انتظام جو بل 2023ع چيئرمين لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪاميٽي کي موڪليو ويو، پاڪستان انسٽيٽيوٽ براءِ تحقيق ۽ رجسٽريشن ڪوالٽي اشورينس بل 2023ع جي به ايوان منظوري ڏني، هي بل سينيٽر ڪهده بابر پيش ڪيو، منشيات تي ٻڌل مواد جي روڪٿام ترميمي بل 2022ع به ايوان منظور ڪري ورتو، سينيٽر سيمي ايزدي سينيٽ ۾ 8 مارچ کي عورتن جي عالمي ڏينهن جي طور تي مهلائڻ، جنهن جو مقصد تعصب، دقيانوسي تصورن ۽ امتياز سلوڪ بابت قرارداد پيش ڪئي، جيڪا متفقه طور تي منظور ڪئي وئي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته 8 مارچ کي عورتن جي عالمي ڏينهن طور ملهايو وڃي، عورتن کان بنا ڪو معاشور ترقي نه ٿو ڪري سگهي، سينيٽر دنيش ڪمار اقليتن جي لاءِ سرڪاري ملازمتن ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا مختص ڪرڻ جي حوالي سان قرارداد پيش ڪئي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته اقليتن کي سرڪاري ادارن ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا ڏني، سينيٽ چيئرمين اها قرارداد لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪاميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏي، اجلاس اڄ اڱاري ڏينهن صبح جو 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.