سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي شڪست ڇا ٿي ثابت ڪري؟

0
63
سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي شڪست ڇا ٿي ثابت ڪري؟

   ڪالهوڪي سينيٽ جي اجلاس کان پوءِ عملي طور عمران خان حڪومت مضبوط هئڻ جو تاثر ڏيڻ ۾ ڪامياب وئي آهي،جڏهن ته مخالف ڌر غير سنجيده ۽ ڇڙوڇڙ هجڻ واري صورتحال کُلي سامهون اچي وئي آهي. ڪالهوڪي يعني 28 جنوري تي ٿيل سينيٽ جي اجلاس کان هڪ ڏينهن اڳ يعني 27 جنوري واري ڏينهن مون “پنهنجي اخبار” ۾ اها خبر ڏني جيڪا 28 جنوري تي شايع به ٿي آهي اها خبر هن ريت آهي ته حڪومت رات دير سان ساڍي 11 وڳي ڌاري 28 جنوري تي ٿيندڙ سينيٽ جي اجلاس جي ايجنڊا جاري ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري واري ترميمي بل جي منظوري جو عمل به شامل ڪيو ويو آهي ۽ ان خبر ۾ اهو به ڄاڻايو هو  ته 28 جنوري تي ٿيندڙ سينيٽ جو اجلاس ٻن ڏينهن جي وقفي بعد ٿي رهيو آهي ان ڪري مخالف ڌر جا ڪيترائي ميمبر پنهنجي علائقن ڏانهن ويل هجڻ ڪري مخالف ڌر لاءِ پنهنجا ميمبر گڏ ڪرڻ مشڪل بڻجي ويو آهي.

مٿي ڄاڻايل پنهنجي خبر جو حوالو ڏيڻ جو مطلب اهو ٻڌائڻ آهي ته هڪ صحافي طور مون کي اهي اطلاع هئا ته مخالف ڌر وٽ ته مون کان وڌيڪ معلومات هوندي، ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري جو اهو بل سينيٽ ۾ منظوري لاءِ اچڻ جو نه رڳو امڪان هو پر ناڻي وزير شوڪت ترين سينيٽ مان ٻن ٽن ڏينهن ۾ بل منظور ڪرائڻ جو پريس ڪانفرنس دوران باضابطه طور اعلان به ڪيو هو.  اهو ئي سبب آهي ته مخالف ڌر جيڪا اسٽيٽ بينڪ کي آءِ ايم ايف جي حوالي ڪرڻ جو بل قرار ڏئي رهي هئي ان بل کي روڪرائڻ لاءِ مخالف ڌر کي پنهنجن ميمبرن جي حاضري کي يقيني بڻائڻ گهرجي ها، پر ڪالهوڪي سينيٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڪثريت ڪاغذي ۽ مصنوعي ثابت ٿي آهي هن وقت سينيٽ جي ڪل ميمبرن جو تعداد 100 آهي جنهن مان اسحاق ڊار جي رڪنيت معطل ٿيل آهي، ان کي ڪڍڻ بعد سينيٽ ۾ ڪل ميمبرن جو تعداد 99 باقي بچي ٿو، جن ۾ مخالف ڌر ۾ شامل ميمبرن جو تعداد 57 ۽ حڪومتي ميمبرن جو تعداد 42 آهي، مخالف ڌر جي 57 ميمبرن ۾ يوسف رضا گيلاني کي اپوزيشن ليڊر مقرر ڪرائڻ لاءِ حڪومتي ڌر ڇڏي مخالف ڌر ۾ شامل ٿيل دلاور خان گروپ جا 6 ميمبر به شامل آهن، جيڪڏهن مخالف ڌر جي ڪل 57 ميمبرن مان دلاور گروپ جا 6 ميمبر ڪڍي به ڇڏجن ته 99 ميمبرن جي ايوان ۾ پوءِ به مخالف ڌر جي ميمبرن جو تعداد واضح اڪثريت ظاهر ڪندڙ 51 ٿئي ٿو، تڏهن به سينيٽ ۾ مخالف ڌر کي شڪست نه ملڻ گهرجي. اهڙي واضح اڪثريت باوجود مخالف ڌر کي سينيٽ ۾ شڪست ملڻ جا رڳو ٻه ئي سبب ٿي سگهن ٿا،

هڪ سبب ته مخالف ڌر جي پنهنجي نااهلي هجي يا ٻيو سبب اهو ٿي سگهي ٿو ته طاقتور ڌريون مخالف ڌر جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪن جيئن سينيٽ چيئرمين خلاف عدم اعتماد جي رٿ ۾ 64 ميمبر رکندڙ مخالف ڌر کي حڪومت جي 40 ميمبرن جي تعداد سان شڪست ڏني وئي هئي. پر ڪالهوڪي اجلاس بابت ته مخالف ڌر طاقتور ڌرين تي الزام لڳايو آهي نه ئي ڪارروائي کي ڪور ڪندي اسان کي بظاهر طاقتور ڌرين جو ڪردار نظر آيو. اوهان کي ٻڌايان ته ڪالهوڪي سينيٽ جي اجلاس جي 8 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي هئي، چوٿين نمبر تي اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري بابت قومي اسيمبلي پاران منظور ڪيل بل ايوان ۾ شوڪت ترين کي پيش ڪرڻو هو، پر ان ايجنڊا اسم جو وارو اچڻ شرط پارلياماني مامرن جي وزير علي محمد خان درخواست ڪئي ته اهو بل شوڪت ترين پاڻ پيش ڪرڻ چاهي ٿو ان ڪري پهريان ٻي ايجنڊا تي ڪارروائي هلايو، سينيٽ چيئرمين اهڙي درخواست قبول ڪندي اسٽيٽ بينڪ جو بل پيش ڪرڻ واري 4 نمبر ۽ اسٽيٽ بينڪ جو بل منظور ڪرڻ واري 5 نمبر ايجنڊا ڇڏي 6 نمبر تي حڪومتي بل منظوري لاءِ پيش ڪيو، جيڪو منظور ٿي ويو ته مخالف ڌر پوئتي ڇڏي آيل ايجنڊا تي واپس وڃي ڪارروائي هلائڻ جو  مطالبو ڪيو، جيڪو مطالبو مخالف ڌر جو جائز ۽ رولز مطابق هو، پر ان وقت حڪومتي ميمبرن جو تعداد ايوان ۾ گهٽ ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن جو تعداد وڌيڪ هو.

جيڪڏهن بل پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ٿئي ها ته مخالف ڌر ان کي چئلينج ڪري بل کي رد ڪرائي ڇڏي ها، اهو ئي سبب آهي ته حڪومت اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري جو بل پيش ڪرڻ کان پاسو ڪري رهي هئي شوڪت ترين ايوان ۾ اچڻ بعد اتان فوري نڪري هليو ويو جيئن بل پيش ڪرڻ لاءِ نه چيو وڃي.  سينيٽ چيئرمين اڌ ڪلاڪ لاءِ سينيٽ جي ڪارروائي معطل ڪري حڪومت کي پنهنجا ميمبر پورا ڪرڻ جو  وقت ڏئي ڇڏيو. ايئن 11 لڳي 17 منٽن تي سينيٽ جي معطل ٿيل ڪارروائي جڏهن 11 لڳي 45 منٽن تي ٻيهر شروع ٿي ته مخالف ڌر جي ميمبرن اسٽيٽ بينڪ جي بل تي ڪارروائي هلائڻ جو مطالبو ڪندي رهي، ان دوران مخالف ڌر جي ميمبرن سينيٽ  چيئرمين مٿان ڌرائتو ڪردار ادا ڪرڻ جو به الزام لڳايو.  ان بعد جيئن حڪومت جا ميمبر پورا ٿيا ته شوڪت ترين ايوان ۾ اچي بل منظوري لاءِ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي ته مخالف ڌر ان جي مخالفت ڪئي. سينيٽ چيئرمين ميمبرن کي پهريان بل پيش ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي رٿ جي مخالفت ۽ پوءِ حمايت ۾ ميمبرن کي سيٽن تي بيهاري ڳڻپ ڪرائي ته بل پيش ڪرڻ جي مخالفت ۾ 43 ۽ حمايت ۾ به 43 ووٽ پيا، رولز تحت جڏهن ايوان جا ووٽ برابر ٿي وڃن تڏهن سينيٽ چيئرمين پنهنجو ووٽ ڪري سگهي ٿو،

سينيٽ چيئرمين پنهنجي ووٽ جو حق حڪومت جي حق ۾ ڪري بل پيش ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ان بعد شق وار منظوري جو عمل شروع ٿيو، سينيٽ چيئرمين احتجاج، گوڙ ڪندڙ مخالف ڌر جي ميمبرن کي ترميمون پيش ڪرڻ جو ته موقعو نه ڏنو پر حڪومت کان پڇيو ته مخالف ڌر جي ترميمن کي ڇا قبول ڪيو ٿا ته حڪومت انڪار ڪيو، ايئن مخالف ڌر جون وائيس ووٽ ذريعي بنا ايوان ۽ ۾ پيش ڪرڻ جي ترميمون رد ڪيون ويون  ۽ بل جي جڏهن حتمي منطوري ٿي تڏهن مخالف ڌر ان جي مخالفت ڪئي جنهن تي بل جي حمايت ۽ مخالفت ۾ ڳڻپ ڪرائي وئي ته بل جي مخالفت ۾ 42 ۽ حمايت ۾ 43 ميمبرن ووٽ ڏنو، بل منظور ٿي ويو، مخالف ڌر جو هڪ ووٽ ان ڪري گهٽ ٿيو جو بل جي حتمي منظوري وقت  اي اين پي جو بلوچستان مان چونڊيل ميمبر عمر ڪانسي ٻاهر هليو ويو. سوال هي آهي ته دلاور خان گروپ جي 6 ميمبرن کان سواءِ به مخالف ڌر جا 51 ميمبر هئا.  دلچسپ ڳالهه اها آهي ته  ايڏي اهم ڏينهن تي سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر يوسف رضا گيلاني به غير حاضر هو،جڏهن ته ن ليگ جو مشاهد حسين سيد، نزهت صادق، پ پ جو سڪندر منڌرو، بي اين بي اين پي جي نسيمه احسان، محمد قاسم، جي يو آءِ جو طلحه محمود، پختونخوا ملي عوامي پارٽي جو شفيق ترين به نه هو، انهن ميمبرن جي عدم شرڪت ته حڪومت جي ڪاميابي جو سبب بڻي آهي پر اصل ۾ ۾ حڪومت جي ڪاميابي جو سبب ان دلاور خان گروپ جا 4 ميمبر هئا جن حڪومتي بينچن کي ڇڏي يوسف رضا گيلاني کي اپوزيشن ليڊر مقرر ڪرائڻ لاءِ مخالف ڌر ۾ شموليت ڪئي هئي.

سوال هي آهي ته سينيٽ جي ايوان ۾ اڪثريت رکندڙ مخالف ڌر جي سينيٽ ۾ اها حالت آهي جتي اڪثريت نه هجڻ باوجود حڪومت ڪامياب ٿي رهي آهي ته پوءِ قومي اسيمبلي جي ايوان جنهن ۾ ڪل ميمبرن جو تعداد 342 آهي، جن ۾ حڪومتي ڌر جا 181 ۽ مخالف ڌر جا 161 ميمبر آهن،اتي مخالف ڌر عدم اعتماد جي تحريڪ ڪيئن ڪامياب ڪرائي سگهندي؟جو وزيراعظم عمران خان، اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف عدم اعتمادم جون رٿون آڻي کين گهر موڪلڻ جا خواب ڏسي رهي آهي. اصل ۾ سينيٽ جي ڪالهوڪي اجلاس جي ڪارروائي مان اهو تاثر وٺڻ غلط نه ٿيندو ته مخالف ڌر رڳو بيانن جي حد تائين محدود آهي، پر اصل ۾عمران خان جي حڪومت ايتري به ڪمزور ناهي جو ان کي هي ڇڙوڇڙ ٿيل اپوزيشن گهر موڪلي سگهي.