اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ سينيٽر رضا ربانيءَ جي اعتراض تي نگران وزير اطلاعات مرتضيٰ سولنگي جو بل ملتوي ڪيو ويو. ميان رضا رباني چيو ته نگران حڪومت کي قانون سازيءَ جو ڪو به اختيار ناهي. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻيءَ جي صدارت هيٺ ٿيو، وزيرن جي غيرموجودگيءَ سبب سوالن وارو وقفو ملتوي ڪيو ويو. بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي ترميمي بل 2023، فيڊرل بورڊ آف انٽر ميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ترميم بل 2023، يونيورسٽي آف مئنجيمينٽ اينڊ ٽيڪنالاجي لاهور بل 2023، پريميئر انسٽيٽوٽ آف ايڊوانس اسٽيڊيز بل 2023 تي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جون رپورٽون ايوان ۾ پيش ڪيون ويون. اسلام آباد ڪيپيٽيل ٽريٽري زخمي ماڻهن کي طبي امداد بل 2023، پمز ۽ پولي ڪيلنڪ ۾ ٻارڙن جي او پي ڊي ۾ اي سي خراب هجڻ بابت توجهه ڏياريو نوٽيس تي ڪاميٽي رپورٽ پيش ڪئي، توشا خانه مئنيجمينٽ اينڊ ريگيوليشن بل 2022 تي به ڪاميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي وئي. اجلاس دوران سينيٽر رضا رباني نگران وزير اطلاعات پاران قانونسازيءَ لاءِ بل آڻڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي. سينيٽر رضا رباني چيو ته پهريون ڀيرو آهي ته ڪا نگران حڪومت قانونسازي لاءِ بل آڻي پئي، قانون سازي ڪرڻ چونڊيل حڪومت جو ڪم آهي، اليڪشن ايڪٽ 2017 تحت نگران حڪومت جي ذميواري روز جي مامرن کي منهن ڏيڻ آهي. موشن پڪچرز ترميمي بل 2023 جو روزاني جي مامرن سان ڪو به تعلق ناهي. نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ايوان جيڪو به فيصلو ڪري مان ان جو احترام ڪندس. چيئرمين سينيٽ موشن پڪچرز ترميمي بل 2023 ملتوي ڪري ڇڏيو. سينيٽر رضا رباني قانوني ڪيس نبيرڻ لاءِ ڪابينا ڪاميٽيءَ جي جوڙجڪ جي نوٽيفڪيشن تي توجهه ڏياريو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته ڪابينا ڪاميٽي پاڻ کي پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ ۽ آئين کان بالاتر سمجهي ٿي، ان ڪاميٽيءَ جا ضابطه غيرآئيني آهن، ڪاميٽي ڪيئن فيصلو ڪري سگهي ٿي ته ڪو قانون آئين مطابق آهي يا نه. نگران حڪومت منظور قانون نٿي ڏسي سگهي، قانونسازي تي ڪابينا ڪاميٽي ٺاهڻ آئين خلاف آهي، نگران وزير اطلاعات مرتضيٰ سولنگي رضا ربانيءَ جي توجهه ڏياريو نوٽيس جو جواب ڏيندي چيو ته رضا رباني خدشن ۽ تحفظات جو ڪو به بنياد ناهي، هي ڪاميٽي رولز آف بزنس جي مطابق جوڙي وئي آهي. هي ڪاميٽي قانون سازيءَ لاءِ نه آرڊيننس جي حوالي سان به آهي. آئين نگران حڪومت کي آرڊيننس جاري ڪرڻ کان نٿو روڪي. ايمرجنسي قانونسازي جي اجازت آهي، چاهيون ٿا ته ٿيندڙ قانونسازي آئين ۽ قانون کان مٿانهين نه هجي، اجلاس جمعي ساڍي 10 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.