اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اجلاس ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن به تحريڪ انصاف جي سينيٽرن جو اعظم سواتي جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيڻ خلاف سخت احتجاج ڪيو، نعريبازي، سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس سامهون ڌرڻو، اپوزيشن جي گوڙ دوران حڪومت تڙ تڪڙ ۾ 4 بل منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب، تفصيل موجب سينيٽ جو اجلاس چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس شروع ٿيندي ئي پي ٽي آءِ جي سينيٽرن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي سينيٽر اعظم سواتي جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيڻ خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس جو گهيرا ڪري ڌرڻو هنيو، ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي اعظم سواتي کي آزاد ڪيو جا زوردار نعرا هڻندا رهيا، مخالف ڌر جي سخت احتجاج  باوجود حڪومت فوجداري قانون ۾ ترميم جو بل 2022ع، حراست دوران موت ۽ سزا ۾ ترميمي بل 2022ع، اينٽي ڊوپنگ ڊيوٽيز ترميمي بل 2022ع ۽ انٽر گورنمينٽ ٽرانزيڪشن ترميمي بل 2022ع منظور ڪرائي وروتا، سينيٽ ۾ اپوزيشن جو احتجاج جاري هو ته چيئرمين سينيٽ اجلاس اڄ جمعي ڏينهن صبح ساڍي 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.