اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جو اجلاس چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پشاور سانحي، آرمي پبلڪ اسڪول پشاور (اي پي ايس) جي شهيدن لاءِ ايوان ۾ دعا ڪرائي وئي، دعا سينيٽر ڪامران مرتضيٰ گهري. اجلاس دوران سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته اسان کي سوچڻو پوندو ته ڇا دعا سان گڏ ڪا دوا به ڪئي وئي، جنهن تي سينيٽ چيئرمين چيو ته پهريان اڄ جو بزنس مڪمل ڪيو وڃي پوءِ ان تي ڳالهائينداسين. اجلاس ۾ ملڪ اندر خاص طور تي اسلام آباد ۾ هيروئن جي نشي ۾ ڳڻتيءَ جوڳي اضافي جي تحريڪ سينيٽر ڪامران مرتضي پيش ڪئي. سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته اسلام آباد ۾ هيروئن جي عادي ماڻهن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، وفاقي دارلحڪومت ۾ کلي عام هيوئن جا عادي ماڻهو نظر اچي رهيا آهن. سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته گهڻا صحافي هن حڪومت جي حمايت ڪندا آهن، ڪنهن تي الزام آهي ته قانون مطابق ڪاروائي ٿيڻ گهرجي، پوليس ڪنهن جي گهر ۾ گهڙي اُن جي مذمت ٿيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ 2018ع ۾ آئي، ان کان اڳ ته پاڪستان ڄڻ جنت هيو. 26 نومبر تي سڀني کي ڪاوڙ آهي، 26 نومبر تي پولي ڪلينڪ اسپتال جي رپورٽ ايوان آڏو رکان ٿو، اها رپورٽ ايبٽ آباد جي رهواسي مبين جي آهي، جيڪو سينيٽ ملازم جو مائٽ آهي. اِن رپورٽ ۾ لکيل آهي ته هن شخص کي گولي لڳي آهي، ان معاملي تي پارليامينٽ ۾ هڪ ڪاميٽي ٺاهيو. اوهان ماڻهن پي ٽي آءِ کي ڪٿي پهچائي ڇڏيو آهي. سينيٽر سيف الله ابڙو وڌيڪ چيو ته ممي ڊيڊي کان شروع ڪري اوهان پي ٽي آءِ کي دهشتگرد بڻائي ڇڏيو آهي، آصف زرداري بينظير ڀٽو سان جيڪا زيادتي ٿي، ڏٺو وڃي اهي ڪيسز ڪنهن ٺاهيا؟ هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ فريال ٽالپر کي جيل ۾ رکڻ وارن جي رپورٽ سامهون اچي وڃي، اسان سڀ انهن جي مذمت ڪنداسين. سينيٽر سيف الله ابڙو پنهنجي تقرير دوران ڪورم جي نشاندهي ڪئي، جنهن تي پرزائيڊنگ آفيسر عرفان صديقي چيو ته ايوان ڪورم پورو آهي. خليل سنڌو چيو ته هي ڪهڙي ڳالهه جي آزادي گهرندا آهن، انهن جي هڪ شخص چيو ته ٽرمپ صدر ٿيندو ته عمران خان کي آزاد ڪندو، پوءِ عمران خان پاڪستان کي آزاد ڪندو. گنڊاپور کي پنهنجي ماڻهن ئي ڏنڊا ۽ جوتا هنيا، اوهان هر ڀيرو لشڪر وٺي ايندا آهيو وري ڀڄي ويندا آهيو، ذيشان حيدر چيو ته حڪومت ڇو مجبور ڪندي آهي ته پي ٽي آءِ اچي ڌرڻو هڻي. عمران خان تي ٺاهيل ڪيسن جي پوري دنيا مذمت ڪري رهي آهي، اسان پر امن جماعت آهيون، جنهن بعد سينيٽ جو اجلاس خميس ڏينهن ساڍي چار وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.