اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽر محسن عزيز طرفان اسٽيٽ بينڪ ترميمي بل تي حڪومت جي مخالفت باوجود بل جي حمايت ۾ وڌيڪ ووٽ اچي ويا، حڪومتي ميمبرن به بل پيش ڪرڻ جي حمايت ڪري ڇڏي. ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سيدال خان ناصر ووٽنگ جي نتيجن جو اعلان ڪرڻ کان انڪار ڪندي اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو. سينيٽر محسن عزيز اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ترميمي بل پيش ڪيو، جنهن کانپوءِ حڪومت بل جي مخالفت ڪندي بل کي ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. جنهن تي پي ٽي آءِ، جميعت علماءِ اسلام ف جي سينٽرز احتجاج ڪيو ۽ چيو ته بل جي  تحريڪ پيش ڪرڻ تي ووٽنگ ڪرايان ٿو. ايم ڪيو ايم سان گڏ حڪومتي بينچن تي ويٺل پيپلز پارٽي جي ميمبرن بلال خان، عمر گورگيج ۽ انوارالحق ڪاڪڙ به بل جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو. مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جي ميمبرن بل پيش ڪرڻ جي تحريڪ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. پيپلز پارٽي جي ڪجهه ميمبرن بل جي حق ۾ ۽ ڪجهه مخالفت  ۾ ووٽ ڏنو. ان تي پي ٽي آءِ ميمبرن چيو ته حڪومتي ميمبر زبردستي ميمبرن کان ووٽ وٺي رهيا آهن. اعظم نذير تارڙ چيو ته بل جي متن تي ڪو به اعتراض ناهي. هن پي ٽي آءِ کي چيو ته ان کي ملتوي ڪيو وڃي ته جيئن ناڻي وارو وزير ان تي رضامندي وٺي اچي. هاڻي بل جي منظوري آئين جي خلاف ورزي هوندي. هن بل جي رضامندي لاءِ بل کي ملتوي ڪيو وڃي. اهو ڪم اسٽيٽ بينڪ جو آهي. ڊپٽي چيئرمين سينيٽ بل جي مخالفت ۾ گهٽ ۽ حمايت ۾ وڌيڪ ووٽ پوڻ تي نتيجن جو اعلان نه ڪيو. جنهن تي پي ٽي آءِ سينيٽ ۾ احتجاج شروع ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته ڊپٽي چيئرمين اوهان فارم 45 جو اعلان ڪريو. بل تي ووٽنگ ٿي وئي، حڪومت کي گهٽ ووٽ مليا آهن. حڪومت ووٽ جي نتيجن جو اعلان ڪري. اوهان ڊڄي ويا آهيو. ڊپٽي چيئرمين چيو ته هي واو واو نه هلندي. رولز مطابق هلنداسين. اوهان جي دٻاءُ جو مون تي هڪ سيڪڙو به اثر نه پوندو، ووٽن جي نتيجن جو اعلان نه ڪندس. پي ٽي آءِ ميمبر سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس آڏو گڏ ٿي ويا. ايجنڊا جي ڪاپي ڦاڙي ڇڏي. ڊپٽي چيئرمين سينيٽ اجلاس اڱاري ڏينهن ساڍي 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل ۾ چيو ويو آهي ته نجي شعبي کي ڏنو ويندڙ گهٽ ۾ گهٽ قرض جي حد جو بينڪ تعين ڪندو. بينڪ تعين ڪندو ته بينڪ پاران نجي شعبي کي ڏنل قرض وارو گهٽ ۾ گهٽ قرض تي صوبي ۽ اسلام آباد ۾ بينڪ جي مالياتي ۽ مانيٽري پاليسي جي مقصدن جي مطابق برقرار رکيو وڃي. گهٽ قرض جي حد، لاڳاپيل صوبي يا اسلام آباد ۾ شيڊول بينڪ جي ڪُل ذخيرن جي 60 سيڪڙو کان گهٽ نه هوندي.