اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر يوسف رضا گيلاني سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن بابت عدالتي فيصلي تي انٽراڪورٽ اپيل داخل ڪري ڇڏي، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله يوسف رضا گيلاني جي درخواست رد ڪئي هئي، جنهن تي اپوزيشن ليڊر سنگل بينچ جي فيصلي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪرائي، يوسف رضا گيلاني فاروق نائيڪ، جاويد اقبال وينس ۽ بيريسٽر عمر شيخ ذريعي انٽراڪورٽ اپيل داخل ڪئي، جنهن ۾ سنگل بينچ جي عدالتي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. يوسف رضا گيلاني موقف اختيار ڪيو آهي ته سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن ۾ 7 ووٽ رد ڪرڻ واري پرزائيڊنگ آفيسر جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. واضح رهي ته سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن ۾ پي ڊي ايم اميدوار يوسف رضا گيلاني جا 7 ووٽ رد ٿيا هئا، جنهن بعد پرزائيڊنگ آفيسر سيد مظفر علي شاهه حڪومتي اميدوار صادق سنجراڻي کي سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن ۾ ڪامياب قرار ڏنو ويو هو.