ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽ تي پيپلز پارٽي اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻائڻ لاءِ پيپلز پارٽي جو وفد ايم ڪيو ايم جي مرڪز بهادرآباد پهچي ويو، صوبائي وزير ناصر شاهه، سعيد غني، وقار مهدي ۽ سهيل انور سيال تي ٻڌل وفد ايم ڪيو ايم اڳواڻن فاروق ستار، علي خورشيدي، امين الحق ۽ ٻين سان ملاقات ۾ سينيٽ چونڊ ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار وقار مهدي جي حمايت ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ چيو، ايم ڪيو ايم پاران پيپلز پارٽي وفد کي چيو ويو ته ايم ڪيو ايم جو اجلاس سڏائڻ بعد فيصلو ڪري پيپلز پارٽي کي آگاھ ڪيو ويندو. ملاقات بعد ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ وفد سان خوشگوار ماحول ۾ ملاقات ٿي، هن چيو ته تاج حيدر جمهوريت لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، سندس لاڏڻي تي خالي ٿيل سينيٽ سيٽ تي چونڊ ٿيڻ واري آهي، ايم ڪيو ايم به انهي سيٽ تي اميدوار بيهاريو آهي، پيپلز پارٽي جو وفد اچڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم پاران اجلاس گھرائي صلاح مشوري کانپوءِ بهتر فيصلو ڪري پيپلز پارٽي کي آگاهي ڏني ويندي. هن چيو ته وفاق ۾ اسان آهيون پر پ پ وفاق ۾ حصو ناهي ورتو. هن چيو ته هي هڪٻئي خلاف الزام لڳائڻ جو وقت ناهي، صوبي ۾ تڪراري ڪئنالن جو مسئلو هلندڙ آهي. هن چيو ته اسان پيپلز پارٽي وفد اڳيان جعلي ڊوميسائلن توڙي پوليس جا مسئلا رکيا آهن. پ پ وفد اسان جا خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. هن چيو ته اسان سنڌ سرڪار کي چئون ٿا، صوبي ۾ ترقياتي ڪم جاري رکڻ لاءِ وفاق سان به ڳالهايو ويندو. هن چيو ته هڪ جماعت ريل ۽ ٻي جماعت جيل ۾ آهي، اسان هر حڪومت ۾ هوندي به تڪليفون ڏٺيون آهن. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته پ پ پاران مرحوم تاج حيدر جي خالي ٿيل سينيٽ سيٽ تي وقار مهدي کي نازد ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم سان جيڪي به ڳالهيون ڪيون آهن انهن تي غور ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان جون ايم ڪيو ايم وارن سان ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن.