وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ جي فوجي عدالتن مان سولين جي ٽرائيل ڪرڻ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري فيصلي خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي آھي. اٽارني جنرل عثمان منصور ذريعي وفاقي حڪومت پاران داخل ڪيل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آھي ته، “سپريم ڪورٽ جو فوجي عدالتن مان سولين جي ٽرائيل خلاف فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. ان حوالي سان قائم ڪيل بينچ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت نه هئي، ان ڪري ان جي فيصلي کي غيرموثر قرار ڏنو وڃي. آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي شقن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ سان ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان ٿيندو. استدعا آھي ته انهن شقن کي بحال ڪيو وڃي. فوجي عدالتن بابت ڏنل فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. فوجي عدالتون 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث تمام ماڻهن خلاف ٽرائيل نه ڪنديون. فوجي عدالتون رڳو انهن ماڻهن جو ٽرائيل ڪنديون، جن فوجي تنصيبات کي نقصان رسايو آھي”. اوهان کي ٻڌايان ته گذريل اڱاري ڏينهن تي سينيٽ جي ايوان فوجي عدالتن جي حق ۾ قرارداد منظور ڪئي آھي. جڏهن قرارداد منظور ٿي، ان وقت 12 کان 15 ميمبر ايوان ۾ موجود هئا، جن مان پيپلزپارٽي جي ميان رضا رباني ۽ جماعت اسلامي جي مشتاق احمد خان مخالفت ڪئي پر قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور ٿي وئي. قرارداد منظور ڪرڻ جي ٻئي ڏينهن تي سينيٽ جي ايوان ۾ نواز ليگ، پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ جي ميمبرن سخت احتجاج ڪيو. ان بعد ٻن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ جڏهن سينيٽ جو اجلاس ڪالھ جمعي ڏينهن جيئن شروع ٿيو ته ن ليگ، پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ، جي يو آءِ، جماعت اسلامي جا ميمبر سيٽن تي بيهي فوجي عدالتن جي حق ۾ منظور ڪيل قرارداد تي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيڻ جو مطالبو ڪندا رهيا پر سينيٽ چيئرمين کين موقعو نه ڏنو ۽ اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. خير ڪالھ جمعي ڏينهن تي ميمبر ان حوالي سان نه ڳالهائي سگهيا پر گذريل اربع ڏينهن تي منظور ٿيل ان قرارداد خلاف ن ليگ جي سعديه عباسي جوشيلي تقرير ڪري چڪي آھي، جنهن ۾ سعديه عباسي اهو واضح ڪيو ته جنهن وقت قرارداد منظور ڪئي وئي، ان وقت ڪورم کان به گهٽ رڳو 12 ميمبر موجود هئا پر سوال هي آھي ته 100 ميمبرن تي ٻڌل سينيٽ جي ايوان ۾ ٻيا ميمبر ڇو نه هئا؟ هڪ ئي وقت 88 ميمبرن کي مصروفيت ڪيئن ٿي وئي؟ اهي سوال ان ڪري اهم آھن جو اگر ميمبرن جي اڪثريت موجود هجي ها ته اها قرارداد ڇا منظور ٿي سگهي ها؟ ان ڪري اهو واضح ٿيڻ ضروري آھي ته ايترا ميمبر ڇو موجود نه هئا؟ سوال هي به آھي ته ڇا جنهن وقت قرارداد منظور ٿي رهي هئي، ان وقت رضا رباني ۽ مشتاق احمد کانسواءِ جن ميمبرن جي حمايت سان قرارداد منظور ٿي، ڇا انهن کان پارٽيون پڇاڻو ڪنديون؟ اهو سوال ان ڪري به ڪري رهيو آھيان جو قرارداد جي منظوري بعد پي ٽي آءِ، پيپلزپارٽي، ن ليگ، جي يوآءِ، نيشنل پارٽي، پي ڪي ميپ جا ميمبر مخالفت ڪري رهيا آھن. انهن پارٽين جي ميمبرن جو مجموعي تعداد 80 کان 90 سيڪڙو ٿئي ٿو. اگر ايوان جا نوي سيڪڙو ميمبر مخالف آھن ته پوءِ ايوان مان قرارداد ڪيئن منظور ٿي سگهي ٿي! ڇا ان قرارداد خلاف قرارداد منظور نٿي ڪري سگهجي؟ ڇا قرارداد منظور ٿيڻ بعد هاڻي بس رسمي طور ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ قرارداد جي مخالفت ڪئي پئي وڃي. ان جي وضاحت ته سياسي پارٽين کي ڪرڻي آھي، باقي ايوان پاران منظور ڪيل قرارداد جو هاڻي تاريخ ۾ حوالو ڏنو ويندو.
ملڪ اندر في بالغ فرد کي ووٽ جو حق پهريون ڀيرو 1970ع جي چونڊن ۾ ڏنو ويو. 1970ع جي چونڊن لاءِ هن وقت به ماڻهو اهو چوندا رهن ٿا ته 1970ع کان هن وقت تائين ٿيل سمورين چونڊن ۾ 1970ع جي چونڊ واحد شفاف چونڊ هئي پر ان شفاف چونڊ جي نتيجن تحت اقتدار منتقل ڪرڻ گوارا نه ڪيو ويو، جنهن ڪري پاڪستان جي ڪک مان هڪ نئون ملڪ بنگلاديش نالي وجود ۾ اچي ويو. ان بعد 1977ع ۾ چونڊ ٿي، جنهن خلاف سياسي پارٽين اتحاد قائم ڪري احتجاج ڪيو. ان بعد ستت ئي ذوالفقار ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ ضياءَ جي ڊگهي مارشلا اچي وئي. ضياءُ الحق جي مارشلائي ڇٽيءَ هيٺان مرضي جا نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ غير جماعتي چونڊون ڪرايون ويون. ان بعد 1988ع ۾ عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جو رستو روڪڻ لاءِ آءِ جي آءِ قائم ڪئي وئي. ان کي سرڪاري خزاني مان پيسا ملڻ جو مامرو سپريم ڪورٽ ۾ ثابت ٿي چڪو آھي. انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ها پر جمهوريت تي راتاهو هڻندڙن خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي. ائين 1990ع جي چونڊن ۾ به آءِ جي آءِ پيپلزپارٽي سان مقابلو ڪيو ۽ حڪومت ٺاهي، جنهن بعد ن ليگ جو وجود عمل ۾ آيو، جنهن جي سربراه نواز شريف کي اڄ به جنرلن جي جهولي ۾ سياسي پرورش وٺڻ جا طعنا ملندا آھن. هاڻي ته اهڙا طعنا اهڙي ڪهڙي پارٽي رهي آھي، جنهن کي نٿا ملي سگهن! هڪ ئي قطار ۾ سڀ هاڻي محمود ۽ اياز وانگر بيٺل آھن. مطلب ته 1993ع جي چونڊ هجي يا 1997ع جي چونڊ – ان کي به ڌانڌلي واريون چونڊون قرار ڏنو ويو. 2002ع جي چونڊ کان اڳ ته ڪنگز پارٽي ٺاهي وئي. پارٽين مان مضبوط ماڻهن کي ٽوڙڻ لاءِ نيب جو سهارو ورتو ويو. چونڊن کانپوءِ به گهربل نتيجا نه مليا ته پيپلزپارٽي کي ٽوڙائي پي پي پيٽرياٽ قائم ڪرائي ڪنگز پارٽي جي حڪومت قائم ڪرائي وئي. محترمه بينظر جي شهادت ڪري 2008ع جي عام چونڊن بعد پيپلزپارٽي جي حڪومت قائم ٿي. ان بعد 2013ع ۽ 2018ع جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي ڪيئن وڏي پارٽي ٺاهڻ لاءِ رياستي مشينري استعمال ڪئي وئي. اها صورتحال سڀني سامهون آھي.
چونڊن جي مختصر احوال تي نظر وجهبي ته اهو صاف نظر ايندو ته هن ملڪ کي صاف شفاف چونڊ نصيب نه ٿي آھي. 2018ع جي چونڊ وقت ۽ ان بعد “ووٽ کي عزت ڏيو” جا نعرا لڳائيندڙ نواز شريف کي لنڊن مان واپس اچڻ بعد جيڪا سهولت ملي رهي آھي، ان کي ڏسي بلاول ڀٽو هڪ نئين لاڏلي کي سامهون اچڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آھي. جنهن نموني چونڊن لاءِ ماحول ٺهي رهيو آھي، پي ٽي آءِ جو سربراهه جيل ۾ آھي، اڪثر اڳواڻ گم آھن. مطلب ته اها پارٽي چڙ وڇڙ ٿيل آھي. چونڊن کان اڳ ئي ماڻهو چئي رهيا آھن ته ن ليگ جي حڪومت ايندي. اگر چونڊن بعد واقعي ن ليگ جي حڪومت قائم ٿي وڃي ٿي ته ڇا ان کي شفاف نموني چونڊجي آيل حڪومت قرار ڏئي سگهبو؟ سوال هي به آھي ته موجوده سياسي صورتحال ۽ سياسي پارٽين جي سياست جو انداز ڏسي ڪو چئي سگهي ٿو ته پارٽين ماضي مان ڪو سبق سکيو نه آھي. موجوده صورتحال کي ڏسي گهٽ ۾ گهٽ مونکي ته نٿو لڳي ته سياسي پارٽين ماضي مان سبق سکيو آھي پر محسوس ائين ٿي رهيو آھي ته پراڻيون غلطيون نئين انداز سان کلي عام ورجايون پيون وڃن. ماضي جي غلطين سبب سمورين پارٽين ڀوڳيو به آھي. اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته هاڻي چونڊن کان اڳ سياسي پارٽيون جيڪي جَوَن جو فصل پوکين پيون، ان جي جاءِ تي اهي ڪڻڪ جو فصل لڻنديون؟ اهو به ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته اقتدار ۾ اچڻ لاءِ جن کان سهارا ورتا پيا وڃن، اقتدار ۾ اچڻ بعد انهن جي مرضي نه هلي سگهي. اسان وٽ ٿيندو ائين رهيو آھي ته اقتدار ۾ اچڻ لاءِ چونڊن کان اڳ سهارا ورتا ويندا آھن، فرمانبردار رهڻ جون خاطريون ڪرايون وينديون آھن پر اقتدار ۾ اچڻ بعد اختيارن جي مامرن تي جهيڙا ٿيندا آھن ۽ ائين حڪومتون گهر ڀيڙو ٿيڻ سان گڏ سياسي ڇڪتاڻ ملڪ مان ختم ئي نه ٿي سگهندي آھي. انهن تجربن ملڪ کي انهيءَ هنڌ تي آڻي بيهاري ڇڏيو آھي، جو هاڻي عام ماڻهن جو دم گهثجي رهيو آھي. عوام ۾ هاڻي برداشت جي سگهه ئي نه رهي آھي. عوام لاءِ جياپو مشڪل ٿي ويو آھي. جڏهن خلق خدا جي جو جياپو مشڪل ٿي ويندو آھي، تڏهن مايوسي جو راڪاس واڪا ڪندو آھي. اهڙي صورتحال ۾ بهتري ڪيئن ۽ ڪٿان اچي سگهندي؟!