اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي آءِ پي پيز جو فارنزڪ آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو. راڻا محمود الحسن جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نيپرا چيئرمين وسيم مختار طرفان ڪاميٽي کي بريفنگ ڏني وئي. نيپرا چيئرمين ٻڌايو ته حڪومت، بجلي ڪمپني ۽ واهپيدارن وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ سڀ کان ڏکيو ڪم آهي، هاڻ بجلي جنريشن جا نوان پلانٽس به اچي رهيا، آڪٽوبر، نومبر تائين ڪمرشل مارڪيٽ کُلندي، صارف کي اجازت هوندي ته پنهنجي مرضيءَ جي ڪمپني وٽان بجلي حاصل ڪري. وسيم مختار چيو ته اسان سڀني کان غلطي ٿي، 2007 کانپوءِ بجليءَ جي کوٽ پيدا ٿي، 2013-14 ۾ چيني سهڪار سان پاور پلانٽ لڳا، اسان جو خيال هو ته جي ڊي پي 6 سيڪڙو رهندي، ان حساب سان بجلي شامل ڪئي، اسان پنهنجي جذبات ۾ اوور ڪيپيسٽي ۾ هليا وياسين، سندس چوڻ هو ته اسان بجلي جي کوٽ سبب ڪمپنين کي مراعتون ڏنيون هيون، پلانٽ لڳائيندڙ ڪمپنين کي مراعتن جي ادائيگي ڊالرز ۾ ڪئي وئي، اسان جي رپئي جو قدر مستحڪم ناهي انڪري سيڙپڪار ڊالر ۾ ادائيگي گهري ٿو. هن چيو ته حڪومت سيڙپڪارن کي اعتماد ڏئي، معاشي حالتن کي مستحڪم رکيو ويو ته بجليءَ جا اگهه نه وڌندا. سينيٽر عبدالقادر جو چوڻ هو ته آءِ پي پيز اورر پراسسنگ ڪري پئسو ڪمايو، فارنزڪ آڊٽ ڪرايو، ڪاميٽي چيئرمين راڻا محمود الحسن چيو ته ماڻهو اسان جي ڳچيءَ کان پڪڙي رهيا آهن، آءِ پي پيز جو فارنزڪ آڊٽ ڪرايون ٿا جڏهن ته سينيٽر سيف الله نيازي چيو ته ان معاملي تي اسان ڌار گڏجاڻي ڪنداسين.