اسلام آباد: پيپلزپارٽي جي اڳواڻ، اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته هن وقت صدر جي ٽوئيٽ قانون کان وڌيڪ حقيقتن تي ٻڌل سوالن کي جنم ڏنو آهي، آئين جي آرٽيڪل 50 تحت صدر پارليامينٽ جو حصو آهي، حقيقتن جي انڪوائري سينيٽ جي پوري ايوان جي ڪاميٽي کي ڪرڻ گهرجي، جتي سينيٽ جي سڄي  ايوان تي ٻڌل  ڪاميٽي ويهي، صدر ۽ ان جي لاڳاپيل عملي کي  سينيٽ جي سامهون پيش ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته صدر پاران لڳايل الزام تمام گهڻا سنگين ۽ ان جا پوري نظام تي ڏور رس اثر آهن، جيڪڏهن جاچ مان خبر پوي ٿي ته صدر حقيقتن کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو آهي ته صدر خلاف آئين ۽ قانون تحت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.