اسلام آباد / ڪراچي/ لاهور(م ڊ +نمائندن وٽان) سينيٽ جي 19 سيٽن تي قومي اسيمبلي، پنجاب ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ چونڊو ٿي گذري، جڏهن ته بلوچستان جا سمورا سينيٽر اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن، خيبرپختونخوا ۾ چونڊ ملتوي ٿي وئي. ان ڏس ۾ سينيٽ جي چونڊن لاءِ سنڌ ۽ پنجاب اسيمبلين ۾ ووٽنگ ٿي گذري. چونڊ نتيجن موجب پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ مان 10 سينيٽ سيٽن سميت ڪُل 11 سيٽون ٻُهاري وئي آهي، اسلام آباد مان حڪمران اتحاد جا 2 اُميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا، پنجاب اسيمبلي جي نتيجن موجب 12 سيٽن مان نواز ليگ ٽيڪنوڪريٽس ۽ عورتن جي 2-2 سيٽن ۽ هڪ اقليتي سيٽ سميت  10 کٽي ورتيون آهن، ٻه سيٽون سني اتحاد ڪائونسل جي نانءُ رهيون. پنجاب مان مسلم ليگ ن جو محمد اورنگزيب، مصدق ملڪ، انوشا رحمان، بشريٰ انجم، خليل طاهر سنڌو ڪامياب قرار ڏنا ويا. اسلام آباد مان ٽيڪنوڪريٽس جي سيٽ تي ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن ۾ نواز ليگ جو اسحاق ڊار، جنرل سيٽ تي پيپلز پارٽي جو رانا محمود الحسن شامل آهن، جڏهن ته پنجاب مان ٽيڪنوڪريٽس جي ٻن سيٽن تي وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ مصدق ملڪ ڪامياب  قرار ڏنا ويا آهن، پنجاب ۾ عورتن جي سيٽ تي پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا ياسمين راشد ۽ صنم جاويد هارائي ويون. سنڌ ۾ سينيٽ جي چونڊ نتيجن موجب 12 سيٽن تي ٿيل چونڊن ۾ پيپلزپارٽي 10 سيٽون کٽي ورتيون، هڪ جنرل سيٽ متحده ۽ هڪ سيٽ آزاد اميدوار فيصل واوڊا ٻهاري ورتي، ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ 12 سيٽن تي ٿيل چونڊن ۾ 7 مان 5 جنرل سيٽن تي پ پ جي مسرور احسن، دوست علي جيسر، اشرف جتوئي ، نديم ڀٽو ۽ ڪاظم شاهه، هڪ جنرل سيٽ تي متحده جي عامر چشتي ۽ هڪ سيٽ تي آزاد اميدوار فيصل واوڊا، ٽيڪنوڪريٽس جي 2 سيٽن تي پ پ  جي بيرسٽر ضمير گهمرو ۽ سرمد علي، عورتن جي 2 سيٽن تي پ پ جي قرت العين عرف عيني مري ۽ روبينا قائمخاني، اڪيلي اقليتي سيٽ تي پونجو مل ڀيل ايڊووڪيٽ سينيٽر چونڊجي ويا. سينيٽ چونڊن ۾ 168 مان 154 ايم پي ايز  ووٽ ڪاسٽ ڪيو. جن ۾ پيپلز پارٽي جا 117 ۽ متحده جا 37 ميمبر  شامل هئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافته سني اتحاد ڪائونسل جي 9 ۽  جماعت اسلامي جي هڪ ميمبر  چونڊن  جي بائڪاٽ سبب پنهنجو ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو.  سينيٽ ۾ 18 اُميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا، جن ۾ بلوچستان ۽ پنجاب جي 7-7 جنرل سيٽن تي اُميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا، ٽيڪنوڪريٽس ۽ عورتن جي 2-2 سيٽن تي به اميدوار ڪامياب ٿي چڪا آهن، سينيٽ جي چونڊن بعد مٿئين ايوان ۾ پيپلزپارٽي جا 24 سينيٽر ٿي ويا آهن، جڏهن ته پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ ن 19- 19 سينيٽرن سان ٻئي نمبر تي اچي ويا آهن. مٿئين ايوان يعني سينيٽ ۾ ايم ڪيوا يم جي سينيٽرز جو تعداد 3 ٿي ويو آهي جڏهن ته جي يو آٰءِ جا 5 سينيٽر ٿي ويا آهن. بلوچستان نيشنل پارٽي ۽ ق ليگ هڪ هڪ سينيٽ سيٽون ماڻيون. بلوچستان عوامي پارٽي (بي اي پي) جا 4 عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) 3، آزاد سينيٽرز جو تعداد 5 ٿي ويو آهي.  اڃا خيبرپختونخوا ۾ سينيٽ اليڪشن ٿيڻي آهي، جتي چونڊن بعد پوزيشن واضح ٿي ويندي ته پهرئين نمبر تي ڪهڙي پارٽي اچي ٿي. ڇاڪاڻ ته اليڪشن ڪميشن ڪي پي ۾ سينيٽ اليڪشن ملتوي ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪندي چيو آهي ته ڪي پي اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن جي ميمبرز کان حلف نه ورتو ويو آهي، ڪورم پورو نه هجڻ سبب سينيٽ چونڊون ملتوي ڪيون ويون.