اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ اجلاس ۾گوڙ، ڊپٽي چيئرمين ۽ اپوزيشن ميمبرز وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ، اپوزيشن ميمبرز طرفان ڊائيس جو گهيراءُ، ڊپٽي چيئرمين جي استعيفيٰ ۽ گو گيلاني گو جا نعرا، وقتي چيئرمين سيدال ناصر جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو، وقتي چيئرمين گذريل ڏينهن جي واقعن تي وضاحت ۽ رولنگ ڏني، سيدال ناصر چيو ته گذريل ڏينهن جي ڪيل اشارن جو مطلب ڪنهن جي دل آزاري نه هو، وقتي چيئرمين پنهنجا لفظ ڪارروائي مان حذف ڪرائي ڇڏيا، قائد حزب اختلاف شبلي فراز چيو ته اوهان سينيٽرز کان معافي گهرو ۽ ڊپٽي سينينٽ چيئرمين جي عهدي تان استعيفي ڏيو. پي ٽي آئي سينيٽرز ايوان ۾ احتجاج شروع ڪري ڇڏيو. جنهن تي قام مقام چيئرمين سينيٽ رولنگ ڏيندي پي ٽي آءِ سينيٽر فلڪ ناز، سينيٽر همايون مهمند ۽ سينيٽر عون عباس کي هلندڙ اجلاس جي لاءِ معطل ڪندي سارجنٽ کي انهن کي ايوان مان ڪڍڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، اجلاس 21 فئبروري تائين ملتوي ڪيو ويو. ان کان اڳ گهرو وزارت لکت واري جواب ۾ سينيٽ کي ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ ڏوهن جي شرح ۾ 9 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. جنوري 2024ع کان هن وقت تائين 705 سرگرم گروهه جا 1,045 جا جوابدار کي گرفتار ڪيا ويا آهن.گهرو وزارت لکت واري جواب ۾ سينيٽ کي ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ پهرين جنوري 2023ع کان 6 فيبروري 2024ع تائين اسلام آباد جي مختلف ٿاڻن ۾ 10 هزار 119 ڏوهن جا ڪيس داخل ڪيا ويا. ان جي ابتڙ پهرين جنوري 2024ع کان 6 فيبروري 2025ع تائين اسلام آباد جي ٿاڻن ۾ 9312 ڪيس رپورٽ ٿيا. اسلام آباد پوليس پهرين جنوري 2024ع کان هن وقت تائين 6 هزار 78 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي.