اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف زرداري سينيٽ جو اجلاس 22 اپريل شام 4 وڳي طلب ڪري ورتو آهي، ذريعن مطابق سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ پي ٽي آءِ ۽ پيپلزپارٽي پاران ڪئنالن خلاف ڌار ڌار  قراردادون جمع ڪرايون ويون آھن، پي ٽي آءِ اڳ ئي سينيٽ چيئرمين کان سينيٽ اجلاس ۾ جلد ڪئنالن خلاف قرارداد منظوري لاءِ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪري چڪي آهي جڏهن  ته 22 اپريل کان شروع ٿيندڙ سينيٽ جي  اجلاسن ۾ اگر پنهنجي پارٽي سان تعلق رکندڙ چيئرمين سينيٽ هجڻ باجود ڪئنالن خلاف قرارداد پيش نه ڪرائي سگهڻ وارو عمل پيپلزپارٽي کي وڌيڪ تنقيد جي زد ۾ آڻي ڇڏيندو.