اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي فوت ٿيل سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي خالي سيٽ تي چونڊ لاءِ  اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل شيڊول روڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، اپوزيشن ليڊر شهزاد وسيم چيو ته ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي اڃان تدفين نه ٿي آھي پر ان جي سيٽ تي اليڪشن ڪميشن شيڊيول جاري ڪيو آهي، پيپلزپارٽي جي بهرامند تنگي چيو ته ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي سيٽ تي ٿيندڙ چونڊ کي فوري روڪرايو وڃي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته اسان اڃا سڪندر منڌرو جي سيٽ کي خالي قرار نه ڏنو آھي، ميت آمريڪا کان واپس اچڻي آھي سينيٽ چيئرمين سينيٽ جي سيڪريٽري کي اليڪشن ڪميشن کان جاري نوٽيفڪيشن تي عملدرآمد روڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪرڻ جي  هدايت ڪري ڇڏي.