اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ سينيٽ ۾ ٽيون ٺهراءَ جمع ڪرايو ويو، فاٽا جي آزاد سينيٽر هلال الرحمان طرفان ٺهراءُ سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو ويو،  ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته ڪي پي ۾ سڪيورٽي خدشن سبب هڪ طرف اميدوارن کي جان جو خطرو آهي ته ٻئي طرف ڪي پي ۾ تمام گهڻي ٿڌ ۽ برفباري ٿي رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ اميدوارن کي اليڪشن مهم هلائڻ ۾ڏکيائي پيش اچي رهي آهي،  ڪي پي ۾ اليڪشن جي تاريخ غير موزون ثابت ٿي رهي آهي، ان ڪري 8 فيبروري تي رٿيل اليڪشن ملتوي ڪئي وڃي،  ان کان اڳ فاٽا جي سينيٽر دلاور خان ۽ هدايت الله پاران به سينيٽ ۾ چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ ٺهراءَ پيش ڪيا ويا هئا، سينيٽ چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو هڪ ٺهراءُ منظور ڪري چڪي آهي.