دبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما چيمپيئنز ٽرافي جي سيمي فائنل لاءِ آسٽريلوي ٽيم کي هڪ مضبوط ۽ سخت مخالف قرار ڏئي ڇڏيو. دبئي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڀارتي ڪپتان چيو ته سيمي فائنل ۾ ڪاميابي لاءِ راند جي ٽنهي شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي. سندس چوڻ هو ته ورون چڪرورتي جي لينٿ ۽ اسپيڊ ورائٽي شاندار آهي، هو اهم وڪيٽون وٺڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جڏهن ته دبئي جي سُست پچز تي اسپنرز ئي ميچ ونر ثابت ٿي سگهن ٿا. 15 رنس تي آئوٽ ٿيڻ تي ڪانگريس ترجمان روهيت شرما کي ’موٽو‘ چئي وڌو، سخت ردعمل کي منهن ڀارتي ڪپتان جو چوڻ هو ته ورون مخالف بيٽرن کي مشڪل ۾ وجهي سگهي ٿو ۽ وڏيون ميچون کٽرائي سگهي ٿو، جڏهن ته دبئي ۾ ٽورنامينٽ کان اڳ ڪنڊيشن کي سمجهڻ لاءِ ڀرپور تياري ڪئي هئي. هن وڌيڪ چيو ته آسٽريليا خلاف سيمي فائنل ۾ دٻاءُ ٻنهي ٽيمن تي هوندو، جڏهن ته ڀارت کي پنهنجي حڪمت عملي تي قائم رهڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته نيوزيلينڊ خلاف ميچ ۾ ڀارتي مڊل آرڊر دٻاءُ ۾ سٺي ڪرڪيٽ کيڏي.