ڪراچي: ان حوالي سان ايڊيشنل ڊائريڪٽر رجسٽريشن رفيعه ملاح جو چوڻ آهي ته سيل ڪرايل اسڪول اڻ رجسٽرڊ هو، پر انهي ۾ پڙهندڙ شاگردن جي تعليم تي ڪو ڪمپرومائيز نٿا ڪري سگهون، انهي ڪري انهن شاگردن کي ڀرپاسي جي اسڪولن ۾ داخلا ڏياري ويندي ۽ اهي اسڪول به اها ئي ماهوار فيس وصول ڪندا، جيتري فيس سيل ڪيل اسڪول پاران ورتي ويندي هئي، ان حوالي سان اڄ اسانجي ٽيم گلشن حديد فيز ٽو ۾ قائم ابدالين خانگي اسڪول ۾ صبح جو 9 وڳي کان موجود رهندي، جنهن ۾ ڪميٽي جو چيئرمين عبدالستار ميمڻ ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر گلاب راءِ شامل هوندا، ڪنهن به والدين کي داخلا ۾ ڪو مسئلو هجي ته اهي انهن سان رابطو ڪري سگهن ٿا۔ .