گلوبل ميڊيا ايترو طاقتور ذريعو آهي جو دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ موجود شخص سان توهان جي ملاقات ڪرائي سگهي ٿو ۽ توهان کي پنهنجي خاندان سان گڏ رهندي به انهن کان پري ڪري سگهي ٿو. تازي تحقيقن مطابق سوشل ميڊيا جي ڪري روزانو لکين ماڻهو مختلف ذهني بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. انهن مان گهڻا ماڻهو لاعلاج بيمارين سبب وقت کان اڳ قبرن ۾ لهي رهيا آهن.
تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته اسان جي هٿن جي ترين ۽ آڱوٺن هيٺان ڄاڻ جو هڪ طوفان هلي رهيو آهي. گهڻو ڪري اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي ته ڪٿي ڪلڪ ڪرڻو آهي ۽ ڪٿي نه، ڇو ته توهان جو هڪ ٽچ توهان جو هٿ جهلي توهان کي نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿو. جتي توهان ڪجهه لمحن لاءِ رهندا آهيو، جڏهن واپس پنهنجي دنيا ۾ ايندا آهيو ته اهو راز کلي ٿو ته ڪيترائي ڪلاڪ گذري ويا آهن.
هن دور ۾ سوشل ميڊيا هڪ اهڙي عادت بڻجي چڪي آهي جنهن ۾ ٻارڙن کان وٺي پوڙهن تائين سڀ جڪڙجي ويا آهن. ماهرن جي خيال ۾ هير جي تعريف اها آهي ته ڪو به اهڙو عمل جيڪو ڪرڻ سان توهان جي زندگي تي منفي اثر پون ٿا. ۽ توهان اهو ڄاڻڻ باوجود هن عادت کي ڇڏڻ کان قاصر آهيو. دنيا جي نامور ماهرن مان هڪ ڊاڪٽر گيبر ميٽ جي تحقيق موجب هر هير ڪنهن نه ڪنهن ذهني ڌڪ سان لاڳاپيل هوندي آهي.
زندگي ۾ ملندڙ ڪا به ناڪامي انسان کي ڪنهن نه ڪنهن عادت ۾ وٺي وڃي ٿي. سماجي رابطن جي برقي صفحن سان مسلسل ڳنڍيل رهڻ ۽ انهن کان سواءِ رهي نه سگھڻ کي هير چيو ويندو آهي. تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته سماجي رابطن جي برقي صفحن جو استعمال ڪندڙ ماڻهن جي وڏي تعداد لاءِ هنن صفحن جو استعمال هڪ نشو بڻجي چڪو آهي. هيءَ لت اسان جي تخليقي صلاحيتن کي ختم ڪري ٿي ۽ اسان کي خيالي دنيا جو مسافر بڻائي ٿي.
هن برقي دور ۾ جتي هر شيءِ تيزي سان اسڪرين جو حصو بڻجي رهي آهي، اتي جذبات، احساسات ۽ خيال به برقي صفحن جو حصو بڻجي ويا آهن. ائين لڳي ٿو ته ايموجيز جي ذريعي پنهنجن احساسن جو اظهار ڪندڙ نسل جي زبانن مان اصلي لفظن جي مٺاس ختم ٿي وئي آهي. ڪو مري رهيو آهي ته وڊيو، ڪو ماري رهيو آهي ته وڊيو، توهان ڇا کاڌو، ڇا خريد ڪيو، ڇا پهريو، ڪٿي گهمڻ ويا، ڪنهن سان مليا، ڪنهن سان وقت گذاريو. هر لمحي سيلفي جي فڪر ۾ جيئندڙ ماڻهو ايتري زندگي نٿا گذارين، جيتري زندگي ڪئميرا ۾ قيد ڪري رهيا آهن.
ڪيترا لائڪس، ڪيترا ڪمينٽس، ڪيترا شيئرز جي ڳڻپ ۾ الجهي پنهنجي اصل قيمت وساري ويٺا آهن. خود پسندي ۽ ڏيکاءُ جي شڪار انسان پنج هزار دوستن جي لسٽ ۾ به اڪيلائي جو شڪار رهي ٿو.
هڪ تازي مطالعي موجب بار بار پنهنجي سيلفي وٺڻ هڪ ذهني بيماري آهي، جنهن کي سيلفيٽس (Selfitis) چيو وڃي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص هڪ ڏينهن ۾ ڇهه کان وڌيڪ ڀيرا پنهنجي سيلفي وٺي ۽ ان کي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪري، ته ان جو مطلب آهي ته ان ۾ ذهني بيماري گهڻي آهي. سوشل ميڊيا تي هر ڏهن مان ٽي تصويرون سيلفي هونديون آهن. انسٽاگرام تي هر ڏهن سيڪنڊن ۾ هڪ هزار سيلفيون پوسٽ ڪيون وڃن ٿيون. هڪ محتاط اندازي موجب روزانو دنيا ۾ 93 ملين سيلفيون ورتيون وڃن ٿيون. جيڪڏهن اسان ان کي فلم رول تي وٺون ته روزانو 2.5 ملين رول گهربل هوندا.
سيلفي وٺڻ جو جنون پاڻ هڪ سنڊروم بڻجي چڪو آهي. هن سنڊروم جا شڪار ماڻهو پنهنجون هزارين تصويرون وٺن ٿا، پوءِ انهن مان ڪنهن هڪ بهترين تصوير جي چونڊ ڪري ان کي ايڊٽ ڪرڻ کان پوءِ پوسٽ ڪن ٿا. هي سنڊروم جا شڪار ماڻهو پنهنجي تفريحي گهمڻ، دوستن جي گڏجاڻين، ڪار جي نمائش، ڊڪ فيس ۽ خاص طور تي مہم جوئي دوران پنهنجون تصويرون وٺڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. جيڪو گهڻن موقعن تي انتهائي خطرناڪ ثابت ٿئي ٿو.
روزانو اهڙين حادثن جون خبرون نظر مان گذرن ٿيون ته سيلفي وٺڻ جي ڪوشش ۾ ڪو پنهنجي جان وڃائي ويٺو، ڪو ندي ۾ ڪري پيو ته ڪو ٽرين جي ٽڪر ۾ اچي ويو. ڪجهه بهادر ماڻهو ته پنهنجي جان جا دشمن بڻجي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندا آهن.