اسلام آباد(ڪامرس نيوز) فيڊرل بيورو آف روينيو سيلز ٽيڪس ۽ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جا گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. ايف بي آر ان سلسلي ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ايف بي آر ٽيڪس ڏيندڙن جي سهولت لاءِ سيلز ٽيڪس ۽ ايف اي ڊي جي گوشوارن جمع ڪرائڻ جي تارخ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن مطابق ڊيوٽين جا رٽرنز جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 18 آگسٽ کان وڌائي 23 آگسٽ ڪئي وئي آهي.