ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪار سيف علي خان تي حملو ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ان بابت اهم تفصيل سامهون آيا آهن. ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي پوليس ٻڌايو آهي ته جوابدار جو تعلق بنگلا ديش سان آهي ۽ هو اداڪار جي گهر ۾ ڦر جي نيت سان داخل ٿيو، گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ 30 سالن جي محمد شريف الاسلام شهزاد طور ٿي آهي. ممبئي پوليس جو چوڻ آهي ته حملي آور غير قانوني طور بنگلا ديش کان ڀارت ۾ داخل ٿيو هو ۽ هو 6 مهينا اڳ ممبئي آيو هو، هڪ هائوس ڪيپنگ ايجنسي ۾ ڪم ڪندو هو، جوابدار وجي داس، بيجوئي داس ۽ محمد الياس جهڙن ڪيترن ئي نالن جو استعمال ڪيو. پوليس موجب سيف علي خان اسپتال ۾ داخل آهي ۽ هو 2 کان 3 ڏينهن ۾ ڊسچارج ٿي ويندو. ياد رهي ته 16 جنوري جي رات سيف علي خان تي سندس گهر ۾ مبينا طور تي هڪ چور ڇريءَ جا ڪيترائي وار ڪري زخمي ڪيو هو، اداڪار کي فوري طور تي ممبئي جي ليلاوتي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس علاج جاري آهي ۽ ان جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.