ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سيف سٽي اٿارٽي جي اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته ايمرجنسي رسپانس وهيڪلز کي نادرا ۽ ايڪسائيز کاتي وٽ رجسٽر ڪيو وڃي ته جيئن سڃاڻپ ۽ گاڏين جي رجسٽريشن جي ڊيٽا تائين وقت سر رسائي ۽ ايمرجنسي جي صورت ۾ تڪڙي ڪارروائي ممڪن بڻائي سگهجي. گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سان گڏ پهتل وڏي وزير سنڌ سيف سٽي اٿارٽي جي آصف اعجاز شيخ کان منصوبي تي اڳڀرائي بابت بريفنگ ورتي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سسٽم جي خاصيتن ۾ جديد مصنوعي ذهانت اي آءِ سسٽم شامل آهي، جيڪو مهانڊي، نمبر پليٽ ۽ شڪي ماڻهن جي سڃاڻپ ۾ مدد ڏيندا، جنهن سان واقعي ۾ ملوث گاڏين جي جلد سڃاڻپ ٿي سگهندي. وڏي وزير اي آر ويز جي وڌ ۾ وڌ بيحد ڊيٽا انٽيگريشن جي اهم ضرورت تي زور ڏيندي ڊي جي سيف سٽي کي هدايت ڪئي ته اي وي آر ويز جي سسٽم کي نادرا ۽ ايڪسائيز کاتي سان جوڙين. هن چيو ته سسٽم جي ڳنڍجڻ سان حساس معلومات جهڙوڪه انفرادي سڃاڻپ ۽ گاڏين جي رجسٽريشن جي تفصيل تائين وقت سر رسائي فراهم ممڪن ٿيندي، جنهن سان هنگامي صورتحال ۾ جلد ۽ ٽارگيٽڊڪارروائي ممڪن ٿيندي، وڏي وزير ڪراچي ۾ مقرري لاءِ 23 اي آر ويز کي مرحليوار رول آئوٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پهرين مرحلي ۾ پنج گاڏيون جلد مقرر ڪيون وينديون، باقي 18 گاڏيون ايندڙ ٻن مهينن اندر آپريشنل ٿي وينديون. وڏي وزير سيف سٽي اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته سيف سٽي پروجيڪٽ کي 2025ع تائين مڪمل ڪيو وڃي، هوڏانهن ڊپلوميٽڪ فورم فار اڪنامڪ اينڊ سوشل امپروومينٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت مقامي ۽ عالمي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ ڪيترائي مثبت قدم کنيا آهن، اميد آهي ته سيڙپڪار دوست قومي ۽ صوبائي پاليسين سان ملڪ جي معيشت ايندڙ سالن ۾ گهربل ترقي ڪندي. . هن چيو ته چين، آمريڪا، برطانيه، فرانس، اٽلي، وچ اوڀر ۽ گڏيل عرب امارات جون ملٽي نيشنل ڪمپنيون پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ ڪاميابي سان ڪاروبار ڪري رهيون آهن. هن سفارتڪارن کي دعوت ڏني ته اهي سنڌ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري آڻين.