سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن 1992ع ۾ قائم ڪئي وئي، جنهن جو مقصد سنڌ صوبي جي پسمانده ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ تعليم کي فروغ ڏيڻ آهي. فائونڊيشن مختلف اسڪولن کي قائم ڪرڻ ۽ هلائڻ لاءِ سرڪاري ۽ غير سرڪاري تنظيمن سان ڀائيواري ڪئي. هن قدم جو مقصد انهن ٻارن کي تعليم ڏيڻ هو جيڪي غربت، پسماندگي ۽ وسيلن جي کوٽ سبب تعليم کان محروم آهن. پر گذريل ڪجهه سالن ۾ هن نظام ۾ ‘گھوسٽ شاگردن’ جو مسئلو اڀري آيو آهي، جيڪو هڪ سنگين چئلينج بڻجي ويو آهي.
‘گھوسٽ’ شاگرد اهي شاگرد آهن، جيڪي سرڪاري طور تي اسڪولن ۾ داخل ٿيل آهن پر اصل ۾ اسڪول ۾ موجود نه آهن. اهي شاگرد يا ته حقيقت ۾ موجود ئي ناهن يا انهن جا نالا صرف ڪاغذن ۾ لکيل آهن، جڏهن ته اهي اسڪول نه ٿا اچن. اهو مسئلو سنڌ جي ٻهراڙين ۽ ڏورانهن علائقن ۾ وڌيڪ پکڙجي رهيو آهي، جتي حڪومتي نگراني جو نظام ڪمزور آهي ۽ اسڪولن جي انتظامن ۾ بي ضابطگيون تمام گهڻيون آهن.
‘گھوسٽ’ شاگردن جو مسئلو ڪيترن ئي سببن جي ڪري پيدا ٿئي ٿو. پهرين ڳالهه ته سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اسڪولن جي مانيٽرنگ جو نظام تمام ڪمزور آهي. اتي جي اسڪولن ۾ نه حاضري جي سخت نگراني آهي ۽ نه ئي استادن ۽ شاگردن جي ڪارڪردگيءَ جو صحيح اندازو آهي. اهڙي صورت ۾ اسڪول انتظاميا جي سهڪار سان انهن شاگردن جا نالا داخل ڪيا ويا، جيڪي شاگرد اصل ۾ موجود ئي نه آهن. ٻيو سبب اهو آهي ته ڪيتريون ئي غير سرڪاري تنظيمون (اين جي اوز) ۽ سرڪاري ادارا شاگردن جي تعداد جي بنياد تي فنڊ جاري ڪن ٿا. اسڪول انتظاميا ان مان فائدو وٺندي وڌيڪ شاگردن کي داخلا ڏياري ٿي ته جيئن کين وڌيڪ فنڊ ملي سگهن. اهي فنڊ بعد ۾ اسڪول بدران ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن.
سنڌ ۾ ‘گهوسٽ’ شاگردن جو ، خاص ڪري ٻهراڙين ۽ پسمانده علائقن ۾ تمام گهڻو آهي، جتي اسڪولن جي حالت اڳي ئي خراب آهي. انهن علائقن ۾ تعليم جي معيار جي کوٽ ۽ وسيلن جي کوٽ سان گڏ ‘گھوسٽ’ شاگردن جو مسئلو به تعليم جي ترقيءَ ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي. سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن پاران هلندڙ اسڪولن ۾ ‘گهوسٽ’ شاگردن جو تعداد مسلسل وڌي رهيو آهي. تازين رپورٽن ۽ تحقيقن موجب انهن اسڪولن ۾ موجود شاگردن جو 20 کان 30 سيڪڙو ‘گهوسٽ’ شاگرد آهن. اها صورتحال نه رڳو تعليم جي معيار کي متاثر ڪري رهي آهي پر حڪومت پاران جاري ڪيل فنڊن جي غلط استعمال جي نشاندهي به ڪري رهي آهي.
‘گھوسٽ’ شاگردن جي مسئلي جو تعليمي نظام تي گهرو اثر پيو آهي. سڀ کان پهرين، اهو تعليم جي معيار کي تمام گهڻو گهٽائي ٿو. اسڪولن ۾ موجود شاگردن جي تعداد جو صحيح حساب نه هجڻ سبب استادن جي مقرري، تعليمي مواد جي فراهمي ۽ ٻين وسيلن جي ورڇ غير موثر آهي. ان کان علاوه، شاگرد لاءِ حڪومت جي جاري ڪيل فنڊن جو غلط استعمال ٿئي ٿو. اسڪول انتظاميا انهن فنڊن کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪندي آهي، جنهن سان اسڪول جي حالت بهتر ناهي ٿي سگهي. اها صورتحال تعليمي ادارن ۾ ڪرپشن ۽ غير قانوني سرگرمين کي فروغ ڏئي ٿي.
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن اسڪولن ۾ ‘گهوسٽ’ شاگردن جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي قدم کڻي سگهي ٿي. سڀ کان پهرين حڪومتي سطح تي سخت نگراني جو نظام لاڳو ڪيو وڃي. اسڪول جي حاضري روزاني جي بنياد تي چيڪ ڪئي وڃي ۽ شاگردن جو باقاعده سروي ڪرايو وڃي. ٻيو اهم قدم اهو آهي ته اسڪولن جي ڪارڪردگي کي باقاعدگي سان چيڪ ڪيو وڃي ۽ استادن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو وڃي. استادن کي حاضري ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي ترقي يا تنزلي ڪئي وڃي ته جيئن اهي پنهنجون ذميواريون سٺي نموني سرانجام ڏين. ٽيون اهم قدم اسڪولن ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال کي وڌائڻ آهي. بايو ميٽرڪ حاضري جو نظام متعارف ڪرايو وڃي ته جيئن شاگردن ۽ استادن جي حاضري جو صحيح حساب ٿي سگهي. ان کان علاوه اسڪولن جي مالياتي معاملن جي نگراني لاءِ جديد ٽيڪنيڪل سسٽم متعارف ڪرايو وڃي ته جيئن فنڊن جي غلط استعمال کي روڪي سگهجي.
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اسڪولن ۾ ‘گهوسٽ’ شاگردن جو مسئلو هڪ سنگين چئلينج بڻجي ويو آهي، جنهن کي فوري طور حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن هن مسئلي کي فوري طور تي حل نه ڪيو ويو ته نه رڳو سنڌ ۾ تعليم جو معيار وڌيڪ خراب ٿيندو پر ان سان ڪرپشن ۽ غير قانوني سرگرمين کي به فروغ ملندو. حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کي گهرجي ته هن مسئلي تي ڌيان ڏين ۽ سنڌ جي ٻارن کي روشن مستقبل فراهم ڪرڻ لاءِ تعليمي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ فوري قدم کڻن.