اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جوڊيشل ڪميشن اسلام آباد ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽس ۾ 5 ايڊيشنل ججز جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ ججز مقرري بابت عدالتي ڪميشن جو اجلاس ٿيو، اسلام آباد ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽس ۾ ايڊيشنل ججز جي مقرري تي غور ڪيو ويو، جاري ٿيل پڌرائي موجب ڪميشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل ججز لاءِ سيشن جج اعظم خان ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر وڪيل راجا انعام امين منهاس کي نامزد ڪري ڇڏيو، اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽن وڪيلن محمد آصف، ايوب خان ۽ نجم الدين مينگل کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.