ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ليبر کاتي جي ماتحت اداري سيسي ۾ غيرمعياري دوائن ۽ مشينري جي خريداري ۾ اربين رپين جي بي ضابطگين جو اسڪينڊل ظاهر، سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي سيسيءَ جي 7 اسپتالن ۽ 42 ڊسپينسرين لاءِ ساليانو 9 ارب رپين جي دوائن جي خريداري جي آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهوڪي  اجلاس ۾ سيسي جي سال 2018ع ۽ 2019ع جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ سيسي جي ڪمشنر ميانداد راهوجو سميت ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو سيسي اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته سيسيءَ جي انتظام هيٺ ڪيتريون اسپتالون ڪم ڪري رهيون آهن،  انهن اسپتالن لاءِ دوائن جي خريداريءَ تي ڪيترو خرچ ٿي رهيو آهي؟ جنهن تي سيسي ڪمشنر ميانداد راهوجو ٻڌايو ته سيسيءَ جي انتظام هيٺ وليڪا اسپتال، لانڍي اسپتال ۽ ڪڊني سينٽر سميت سڄي سنڌ ۾ 7 وڏيون اسپتالون ۽ 42 ڊسپينسريون ڪم ڪري رهيون آهن، جتي صنعتي ورڪرن ۽ سيسي ملازمن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون آهن، هن ٻڌايو ته 13 ارب رپين جي فنڊ مان سيسي جي اسپتالن ۽ ڊسپينسرين لاءِ دوائن جي خريداري ۽ صحت جي سهولتن تي ساليانو 70 سيڪڙو يعني 9 ارب رپيا خرچ ٿي ٿو، جڏهن ته باقي 30 سيڪڙو فنڊ يعني  4 ارب رپيا سيسي جي فيلڊ ڊائريڪٽوريٽ تي خرچ ٿي رهيا آهن. جنهن تي پي اي سي چيئرمين چيو ته اربين رپين جي بيجٽ هوندي سيسي جي اسپتالن ۾ غيرمعياري دوائون فراهم ٿيڻ جون شڪايتون ملي رهيون آهن. جنهن تي ڪمشنر سيسي ٻڌايو ته سيسيءَ جي اسپتالن لاءِ 70سيڪڙو دوائن جي خريداري ٽينڊرن  ذريعي ۽ باقي 30 سيڪڙو خريداري مقامي سطح تي سيسي جا ڊائريڪٽر ڪن ٿا ، جتي دوائن جي خريداريءَ ۾ اشوز آهن. پي اي سيءَ سيسي اسپتالن لاءِ غيرمعياري دوائن ۽ مشينري جي خريداريءَ ۾ اربين رپين جي بي ضابگين جي شڪايتن تي آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

سنڌ جون 43  هزار صنعتون سيسي وٽ رجسٽرڊ نه هجڻ جو انشڪاف

ڪراچي: سنڌ جي صنعتڪارن پاران پورهيتن کي گھٽ ۾ گھٽ مقرر ٿيل اجرت واري حڪومتي اعلان تي عمل نه ڪيو ويو. 80 سيڪڙو صنعتي يونٽن ۾ ملازمن کي 37 هزار رپيا اجورو نه ٿو ڏنو وڃي. ان حوالي سان پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو سيسي ڪمشنر کان پڇاڻو ڪيو ته ڪيترا صنعتي يونٽ /ادارا 37 هزار رپيا ماهوار اجرت ڏيڻ واري حڪومتي اعلان تي عمل نه ڪري رهيا آهن؟ جنهن تي سيسي ڪمشنر ٻڌايو ته صوبي جي 67 هزار صنعتي يونٽن مان سيسي وٽ 24 هزار صنعتي يونٽ رجسٽرڊ ٿيل آهن، انهن مان 6 هزار صنعتي يونٽ بند پيل ۽ 18 هزار صنعتي يونٽ فعال آهن ، اسان 18 هزار ادارن جي 8 لک ورڪرن کي سيسي ۾ رجسٽرڊ ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته ڪيترا صنعتي يونٽ 37 هزار روپيا اجرت ڏيڻ تي عمل ڪري رهيا آهن، مختلف   ادارا سيڪيورٽي گارڊن کي 37 هزار رپيا اجرت ڏيڻ تي عمل نه ڪري رهيا آهن، جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو چيو ته صنعتي يونٽن پاران 37 هزار رپيا ڏيڻ واري فيصلي تي عملدرآمد نه ٿيڻ ليبر قانون جي خلاف ورزي آهي، پي اي سي چيئرمين  سيسي ۽ ليبر کاتي کي هدايت ڪئي ته صنعتي يونٽن ۾ ڪم ڪندڙ سڀني ورڪرن کي ھر مهيني گهٽ ۾گهٽ اجرت 37 هزار رپيا ڏيارڻ واري پاليسي تي عمل ڪيو وڃي.

 

سيسي ۾ مرمتي ڪمن جي نالي ۾ 5 ڪروڙن جي ادائگين جو انڪشاف

ڪراچي: سيسي ۾ مرمتي ڪمن جي مد ۾ 5 ڪروڙ رپين جون جعلي بِلن ذريعي ادائگيون ٿيڻ جو انڪشاف، ليبر کاتي جي سيڪريٽري کي معاملي جي جاچ جي هدايت، ڪالهه پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس دوران اهو معاملو به سامهون آيو ته سيسي ۾ مختلف مرمتي ڪمن جي مد ۾ جعلي بِلن ذريعي 5 ڪروڙ رپين جي ادائگي ڪئي وئي آهي. جنهن تي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ليبر کاتي جي سيڪريٽري کي معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.